آءِ ايم ايف کان ملندڙ قسط مان عوام کي ڇا ملندو؟

نذير سومرو

غربت آسماني ڪونهي. منهنجو خدا اهڙو ٿي سگهي ئي نه ٿو جو ان جي خدائيءَ ۾ هڪ ماڻهو ڪروڙ ڏيڍ ڪروڙ جي باٿ روم ۾ پنهنجي حاجت پوري ڪري ۽ ٻيو ماڻهو پنهنجي بيمار/مرندڙ اولاد لاءِ سگهه ئي نه ساري سگهي ته ان کي ڪنهن اسپتال پهچائي رڳو ان کي پنهنجي اکين سامهون مرندي ڏسندو رهي.

غربت ڇا آهي ۽ ڪٿان ٿي اچي اچو ان کي تمام سادي/آسان نموني سان سکون. فرض ڪريو هڪ ڪمري ۾ ڏهه ماڻهو ويٺا آهن ۽ ڪو ماڻهو ان ڪمري ۾ ڏهه مانيون کڻي اچي ٿو. انصاف جي گُهر اها آهي ته هر ماڻهوءَ کي هڪ هڪ ماني ملي. ان جي ابتڙ ٿئي ڇا ٿو جو ڪو ماڻهو ٻه مانيون کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو، ڪو وري ان کان ڏاڍو چار مانيون کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو اهڙي نموني هڪ ماڻهو انصاف سمجهندي باقي بچيل مانين منجهان هڪ  ماني کڻي ويهي ٿو رهي ۽ دعوى ٿو ڪري ته هو انصاف مطابق ماني کڻندڙ آهي. آخري طور تي ٽي ماڻهو ستن مانين تي قبضو ڪري ويهي رهن ٿا ۽ بقايا ٽي مانيون وڃي بچين ٿيون باقي ستن ماڻهن لاءِ. هاڻي جي رڳو اهي بچيل ٽي مانيون انصاف سان ورهائجن ته سڀني کي ٽڪر ٽڪر هٿ ايندو نتيجي طور اهي سڀ ڍوءُ ڪري کائيندڙ ڪونه هوندا. هن ننڍڙي مثال کي روپئي پيسي جي ورڇ سان سموري دنيا جي ليول تائين لاڳو ڪري ڏسجي ته ڳالهه سمجهڻ آسان ٿي پوندي.

ان سون مٿان سهاڳو اهو ته سرمائيداريء جي هٿ جي صفائي اها آهي ته شين کي پيسي جي صورت ڏني اٿائين جيئن ان کي گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ ٿوري کان ٿوري جڳهه تي جمع ڪري سگهجي وڌيڪ اهو ته ان سموري ڪم ۾ آساني به هوندي ۽ آخري قهر طور اها ڳالهه ته مانيون/ماني کسجندڙ ان کي آسماني عمل سمجهي ڪا مزاحمت به نه ڪري.

ان غيرمنصفاڻي ورڇ کي قائم رکڻ لاءِ سرمائيداريءَ سمورين شين کي اهڙي بيهڪ ڏني آهي جيئن اهي سڀ چند هٿن تائين محدود ڪري سگهجن ايتري تائين جو علم کي به اهڙيون شڪليون ڏنيون ويون آهن جو اهو علم سرمائيداريءَ جو رکوالو بڻجي پوي ۽ ان نظام جي حفاظت لاءِ وقت جي تقاضائن مطابق نت نوان طريقا ڳولهيندو رهي.

اسان جي ملڪ کي به هن نظام هيٺ هلايو ويندو رهيو آهي نتيجي طور هن ملڪ جي دولت نه رڳو چند هٿن تائين محدود آهي/ڪئي ويئي آهي پر اها پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ قانون کي پنهنجو غلام رکندي پيئي اچي. سموري دنيا ۾ سرمائيداري ۽ غربت جو تعلق هڪ جهڙو هڪ جيترو آهي پر طريقا ٿورو گهڻو مختلف ضرور آهن. غريب کي صبر شڪر جو لولي پاپ ڏيئي سمهاريو ويو آهي. جڏهن ته سرمائيداريءَ مان فائدا وٺندڙ صبر شڪر جا عملي مخالف هوندا آهن.

اسان وٽ سمورا پيداواري ذريعا ڪجهه هٿن ۾ قيد آهن. رياستي طاقت انهن جي رکوالي ڪندي رهي ٿي، آئين قانون انهن مٿان ياقربان رهندڙ آهي. پيداواري ذريعا پنهنجي هٿن ۾ ڪرڻ کان پوءِ انهن غيرپيداواري ذريعا به پاڻ وٽ قيد ڪيا آهن. مثال طور غير پيداواري ذريعو هڪ قرض وٺڻ به آهي جيئن آءِ ايم ايف کان قرض ورتو ويندو آهي جيڪو اتان يعني اصل جڳهه تان نڪرڻ کان اڳ ئي ورهائجي ويندو آهي ۽ عوام اهي قرض جا پيسا ۽ ان جا ثمر وغيره ڏسڻ کان اڳ ئي قرضي/وڌيڪ قرضي ٿي ويندو آهي.

آءِ ايم ايف جڏهن قرض ڏيندي آهي ته اها پنهنجي رقم کي محفوظ رکڻ لاءِ هتان جي ڳيجهو/ڪميشن کائيندڙ حڪمرانن کي حڪم ڪندي آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ واپرائي ويندڙ فلاڻي شيء جو اگهه هيترو ڪريو. هن شيء کي هن اگهه تائين کڻي پهچايو. اهو سڀ ڪرائڻ کان پوءِ قرض جاري ڪري ان مان پوئين قرض جي قسط وياج سميت کڻي وٺندي آهي. باقي بچيل رقم ”طاقت“ جي بنياد تي ورهائي ويندي آهي. نتيجي طور بنا ڪجهه حاصل ڪرڻ جي/بنا ڪجهه اکين سان ڏسڻ جي ملڪ جو عوام قرضن جي بار هيٺان ويندو آهي دٻجندو.

هن وقت ملڪ سچ پچ هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي (سدائين ٻڌندا رهياسين جيڪا هڪ پروپيگنڊا هئي ته جيئن اسان کي هيسيل رکي سگهجي پر هن ڀيري صورت حال ٻي آهي) وري به ڪيترا ئي ماڻهو ان کي هلڪو ڪري پيا وٺن پر ائين ڪونهي. دنيا ۾ سوويت يونين کان ڪوبه ملڪ طاقتور ڪونه هو پر ٽٽي ويو. سوويت يونين جي عوام ۾ اندروني تضاد ۽ مونجهارا اسان جي ڪنهن حصي کان به گهٽ هئا. اسان جا تضاد ۽ مونجهارا ڳڻڻ کان مٿي آهن جن کي هوا ڏيئي ايترو ته وڌايو ويو آهي جو واپسيءَ جا سڀ رستا بند آهن.

آء ايم ايف کان ملندڙ قسط مان عوام کي ڇا ملندو؟ ڪجهه به ڪونه. هاڻي جڏهن آء ايم ايف پاران تيل جي اگهن ۾ واڌ جو شرط ٽيهه روپيا لٽر وڌائي پورو ڪيو ويو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿي به آهي اڃان به ٿيندي مٿان وري اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ڏيڍ سيڪڙو وڌائي آهي اهي سڀ شيون ملي ڪري عوام مٿان هڪ قهر نازل ٿينديون عوام کي سواء مهانگائي روڄ راڙي جي ٻيو ڪجهه ڪونه ملندو عوام جو معيار زندگي حد کان هيٺ ڪري پوندو باقي رهي قسط جي پيسن جي ڳالهه ته اهي سدائين وانگر ”طاقت“ جي بنياد تي ورهايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.