ڪوٽڙي جي لاشاري ڳوٺ ۾ بجلي جي تار مان گھر کي باھ لڳي وئي گھر سڙي ويو رک
ڪوٽڙي پرسان لاشاري ڳوٺ ۾ بجلي جي تار مان اچانڪ گھر کي باھ لڳي وئي گھر سڙي ويو رک ٿي ويو
پورھيت امان الله لاشاري جي گھر کي اچانڪ باھ لڳي وئي باھ سبب گھر ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو گھر سڙڻ سبب سندس ٻچا کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن ان سلسلي ۾ پورھيت امان الله ٻڌايو ته بجلي جي تار مان چانڪ گھر کي باھ لڳي وئي سڄو گھر سڙي ويو آھي گھر ۾ پيل ٻن نياڻين ڏاج پڻ سڙي ويو آھي ھن چيو ته غريب پورھيت آھيان نقصان ٿيو آھي وس وارن کان اپيل آھي ته سندس واھر ڪئي وڃي .