عمران خان ڪارڪن ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ هليو ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ هليو ويو، سندس لانگ مارچ بري طرح ناڪام ٿي ويو آهي، حڪومت  پنهنجو مدو پورو ڪندي، چونڊن جو اعلان حڪومت ۽ اتحادي مقرر وقت تي ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي،هن چيو ته ڪالهه پوري قوم ڏٺو ته تخريبي ۽ تعميري سياست ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.