عمران نيازي ڊڪٽيشن وڃي پنهنجي گهر ۾ ڏي، چونڊن جو فيصلو ايوان ڪندو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف  چيو آهي ته عمران نيازي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، ڊڪٽيشن وڃي پنهنجي گهر ۾ ڏي، اسان کي ڊڪٽيشن نه ٿو ڏئي سگهي، چونڊون ڪڏهن ڪرائڻيون آهن فيصلو اتحادي حڪومت ۽ ايوان ڪندو، هڪ صوبائي حڪومت جي سربراهه جي معاونت سان وفاق تي حملو ڪيو ويو، ڪنهن جٿي يا پارٽي کي آئين سان بغات جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، پوڻا چار سال دوران عمران نيازي گارگند کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، معاشري ۾ ورڇ پيدا ڪري ڇڏي آهي، عدليه ۽ ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، بلين ٽري جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن اسلام آباد ۾ وڻن کي باهه لڳائي ڇڏي، مذهب کي ذاتي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، عمران نيازي وسيلا نه هجڻ جي باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ڪري بارودي سرنگهه وڇائي ويو، چونڊ (ترميمي) بل جي منظوري سان شفاف چونڊن جو بنياد رکيو ويو آهي، ٻڏل ۽ لوڏا کائيندڙ معيشت کي ڪناري لڳائينداسين، پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ جان لڳائي ڇڏينداسين، ياسين ملڪ کي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ انهن سان گڏ بيٺل رهندو. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 10 اپريل 2022ع تاريخي ڏينهن هو. پهريون ڀيرو پاڪستان جي تاريخ ۾ آين، قانون جي روح موجب بي اعتمادي جي قرارداد ڪامياب ٿي جڏهن اسان ملڪ جي بيڙي کي ڪناري لڳائڻ جي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون آهن ته جلاءُ گهيراءُ ۽ ڊي چوڪ تائين پهچڻ جون ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون ويون، ساڍا ٽي سال گارگند انهن جو شيوو رهيو. 2014ع جا دل ڏکوئيندڙ واقعا ذهنن ۾ ٻيهر تازا ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن تاريخ کي ٻيهر ورجايو ويو ته پوءِ ڪجهه نه بچندو. هن چيو ته عدليه ۽ ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي، ڪالهه سپريم ڪورٽ جڏهن فيصلو ڏنو ته اسان هڪ لفظ به ان حوالي سان نه چيو جڏهن ته عمران نيازي چوندو هو ته فلاڻو چيف جسٽس جيڪڏهن منهنجو ڪيس ٻڌي ته آئون ان لاءِ تيار آهيان، پوءِ سڀني اهو ڏٺو ته انهي جي خلاف الزام بازي به شروع ڪري ڇڏي. ان جي اها عادت آهي ته فيصلو هق ۾ هجي ته سٺو لڳي ٿو، جيڪڏهن خلاف اچي ته ادارن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، قوم ڪيستائين اهو برداشت ڪندي. جيڪڏهن اهو سلسلو رهيو ته پوءِ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو جام ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ساڍا ٽي سالن ۾ مخالف ڌر کي گاريون ڏنيون ويون، اڄ هن ايوان، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل، خالد مگسي، خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين ۽ مولانا اسعد محمود کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي ان فتني جو رستو روڪڻو آهي. 126 ڏينهن ڊي چوڪ ۾ تماشو لڳايو ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر خوني مارچ کي ورجايو ويو آهي ۽ جٿا اسلام آباد آندا ويا، ان جي قطعي طور تي اجازت نه هجڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ خيبرپختونخواهه پوليس سان جٿو هتي آيو، ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته هڪ صوبو وفاق تي حملو ڪري ڇڏي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.