آءِ ايم ايف شرطن آڏو حڪومت ڍير، تيل اگهن ۾ 30 رپيا واڌ

اسلام آباد (م ڊ) عمران خان جي لانگ مارچ مان جان ڇڏائڻ بعد حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي تيل اگهن ۾ 30 رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڏکيو فيصلو هو ته اسان عوام تي بار وجهون ۽ وجهون ته ڪيترو وجهون، مان اڳ کان چئي رهيو هيس ته عوام تي  ڪجهه نه ڪجهه بار وجهڻ اڻٽر آهي، ڇو ته حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، هڪ پاسي حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي. سندس چوڻ هو ته پيٽرول، ڊيزل،  گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ ٿيندي. مفتاح اسماعيل چيو ته اگهه ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جو هڪ ليٽر 179.86 رپيا، ڊيزل 174.15 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 148.31 رپيا في ليٽر ٿي ويندو.جنهن قيمت تي ڊيزل موجود آهي ان کان 56 رپيا گهٽ آهي. گاسليٽ 155.56 رپيا في ليٽر هوندو. هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، هڪ پاسي حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي. سندس موجب  آءِ ايم ايف به چيو آهي ته هن وقت تائين قرض نه ڏينداسين، جيستائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت نه وڌائي ويندي، ان قدم سان مارڪيٽ ۾ استحڪام ايندو ۽ مارڪيٽ ڏسندي ته حڪومت هاڪاري قدم کنيو آهي ۽ هڪ سال ٻن مهينن جي عرصي ۾ معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. مفتاح اسماعيل چيو ته ان سان رپئي کي استحڪام ملندو، اسٽاڪ مارڪيٽ به اڳتي وڌندي ۽ سڀ کان اهم معيشت ۾ توازن برقرار رهندو. مهانگائي وڌڻ جي خدشي بابت سوال تي هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌڻ سان مهانگائي وڌندي پر اسان وٽ ٻيو ڪهڙو آپشن هو. سندس چوڻ هو جڏهن عمران خان کي لڳو ته هن جي حڪومت وڃڻ واري آهي ته هن اگهه گهٽائي اها بارودي سرنگهه وڇائي ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.