ٽوئيٽر جي شريڪ باني ڪمپني کي الوداع چئي ڇڏيو

ٽوئيٽر جي اڳوڻي سي ايِ او جيڪ ڊورسي ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽر کي ڇڏي ڏنو جنهن کانپوءِ سوشل نيٽ ورڪ پليٽ فارم سان سندس لاڳاپا پڻ ختم ٿيا ويا آهن.

گذريل ڏينهن ٽوئيٽر جي شيئر هولڊرز جي ٿيل اجالس ۾ جيڪ ڊورسي ٽوئيٽر کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

جيڪ ڊورسي ٽوئيٽر جو شريڪ باني آهي ۽ هو پهريان ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان پاڻ کي پري ڪري رهيو هو.

2021ع جي آخر ۾ هن سي اي او جي عهدو ڇڏيو هو، ته جيئن هو اسڪوائر ( هاڻي بلاڪ ) تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهي. سي اي او جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هن بورڊ کان به الڳ ٿيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو هو. جڏهن ته  ڪمپني ٻڌايو ته هو 2022ع جي شيئر هولڊرز جي اجلاس تائين بورڊ جو حصو رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.