ڀارتي عدالت جي فيصلي وقت ياسين ملڪ جي ڀيڻ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي رهي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عدالت ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ياسين ملڪ جي گھر ٻاهران ڀارتي عدالت جي فيصلي تي سخت احتجاج جاري آهي، جڏهن ته ڀارتي عدالت جي فيصلي دوران ياسين ملڪ جي ڀيڻ جي قرآن پاڪ جي تلاول ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

فيصلي ٻڌائڻ وقت ياسين ملڪ جي گھر جي ٻاهران قابض ڀارتي فورسز کي مقرر ڪيو ويو، ياسين ملڪ جي گھر تي مائٽ ۽ سندس چاهيندڙ موجود هئا، گھر ٻاهران ” ياسين توسان گڏ آهيون“ جا نعرا لڳايا ويا، جڏهن ته حريت اڳواڻ جي ڀيڻ دريءَ وٽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي نظر آئي.

ڀارتي ميڊيا موجب سرينگر جي لال چوڪ ۾ مظاهرا ڪيا ويا، سرينگر ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي 19 مئي تي دهشتگردي جي فنڊن جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڏوهي قرار ڏنو آهي.

ياسين ملڪ نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾  ڪيترن ئي سالن کان قيد آهي، ڀارتي ميڊيا موجب عدالت ياسين ملڪ تي ڏهه هزار ڏنڊ به لاڳو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.