اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ عورت جي وچ روڊ تي پنجاب پوليس اهلڪار سان بدتميزي ۽ گاريون ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ عورت کي وچ روڊ تي پوليس اهلڪار سان بدتميزي ۽ گاريون ڏيندي ڏسي سگھجي ٿو، عورت گٿا لفظ ڳالهائيندي رهي پر پوليس اهلڪار خاموشي سان هلندو رهيو ۽ ڪو رد عمل نه ڏنو.
ان دوران عورت جي زبان نه رڪي ۽ رستي تي هلندڙ ٻي عورت کيس روڪيو ته ان تي به گارين جو مينهن وسائي ڏنائين.
ٻئي پاسي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدار پوليس اهلڪار کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي شاباشي ڏئي رهيا آهن.