ڪوٽڙي ۾ سول سوسائيٽي جو خانگي اسڪول ۾ مقرر امتحاني عملي خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ سول سوسائيٽي پاران خانگي اسڪول ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن لاءِ مقرر ڪيل عملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

يوسف سارنگ، امداد پنهور، بابر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سوسائيٽي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته سائيٽ جي بهار ڪالونيءَ ۾ واقع خانگي اسڪول نائيچ پيراڊائيز  ۾ نائين ۽ ڏهين جي لاءِ قائم ڪيل امتحاني سينٽر جو عملو پيپر ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان خرچ جي نالي تي 200 کان 500 رپيا اوڳاڙي رهيا آهن، جڏهن ته پئسا نه ڏيندڙن کي هراسان ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته امتحاني سينٽر ۾ خانگي اسڪولن جو عملو پنهنجي ئي اسڪولن جي شاگردن کي سرعام ڪاپي ڪرائي ذهين شاگردن جي حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي، حيدرآباد تعليمي بورڊ نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.