ياسين ملڪ کي سزا تي پاڪ فوج جو ردعمل اچي ويو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ياسين ملڪ کي جعلي الزامن تي سزا ٻڌائڻ جي مذمت ڪئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ياسين ملڪ کي جعلي الزامن تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، ڀارت غاصباڻن قدمن سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي جدوجهد آهي، ڪشميرين جي حقن  جي تحريڪ ۾ انهن سان گڏ بيٺا آهيون.

واضح رهي ته ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي دهشتگردن جي مدد جي ڪوڙي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته 10 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.