تاريخ جي روشني ۾ خانپور شهر

مـــمـــتـــاز ٻـــپـــڙ

پروفيسر واجد بخاري طرفان اُتر سنڌ ۾ ماضي جي شاهوڪار رهندڙ خطي شڪارپور جي قديم ماڳ ۽ هاڻوڪي تعلقي جو درجو رکندڙ شهرخانپور بابت چارسئو سالن جي تاريخ کي سائسي انداز ۾ جديديت پٽاندڙ سرجي، علم سان وابسته سڄڻن لاءِ ڪتابي صورت ۾ نهايت اهميت جي حامل قلمي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي،

خانپور جي تاريخ بابت واجد بخاري تحقيقاتي 300صفحن تي مشتمل ڪتاب تي ٻه اکر ليکڪ هميرچانڊيو جا لکيل آهن،  انهيءَ سميت مقدمو ڊاڪٽر محمد شريف سومرو طرفان لکيو ويو آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي متحرڪ سياسي اڳواڻ ايازلطيف پليجو پاران پرفيسر واجد بخاري جي ادبي، علمي ۽ تحقيقي ڪاوشن تي روشني وڌي وئي آهي، واجد بخاري خانپور شهر جي غمناڪ تاريخ جي وڃايل وجود کي تاريخي دستاويز جي صورت ۾ نئين زندگي بخشي آهي،1977ع ڌاري سکر ضلعي ۾ تعلقي جو درجو ماڻيندڙ خانپور شهر، شڪارپور شهر کان 9ڪلوميٽر اوڀر طرف جي مفاصلي تي واقع آهي، انگريز دور ۾ ٻه هزار جي آبادي تي مشتمل هي شهر هن وقت 30هزار آبادي تي مشتمل آهي.

1843ع ۾ نپيئر جي سامراجي ڪاهه جي وقت خانپور مان سيد مير علي شاهه سنڌ جي عظيم سورمي جنرل هوش محمد شيدي جو ساٿ ڏنو، جنهن جي ردعمل ۾ نپيئر مير علي شاهه تي بغاوت جو مقدمو درج ڪري کيس گرفتار ڪيو، ليکڪ محترم خانپور شهر جو آڳاٽي نالي هنڌ ڳڙهي کي 14ع صدي سان منصوب قديم ڊٺل قلعي جي سِرن مان محفوظ ڪندي سمن جي دور 1600ع ۾ شهر کي  ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هنڌ/ ڳڙهي جي ناءُ سان پنهنجي تحقيق جي روشني واضح ڪيو آهي، واجد بخاري جي تحرير ۾  شڪارپور_خانپور جي سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي انسان دوست سماجي پسمنظر کي ڪنهن به مذهبي، طبقاتي ۽ نسلي تفريق کان آجو قرار ڏيڻ سميت خانپور شهر جا مشاهير، ادبي رجحان، ڪلهوڙا حڪمرانن جي تعميرات ۾ خانپور شهر جون عمارتون، مغل دور ۾ موجوده خانپور ۾ نواب بختيار بازوئي طرفان ڪوٽ جي تعمير سان گڏوگڏ شهر کي نئين ناءُ بختيارپور سان منصوب ڪرڻ، شيعت جو بڻ بنياد پوڻ، شاعرن جو ڪردار، شهر جي معيشت ۽ وڻج واپار، ماضيءَ جي سياسي تحريڪن ۾ خانپور شهر جو ڪردار، سنڌو تهذيب تي ڌارين قومن پاران لشڪر ڪشيءَ جي مقابلي ۾ تصوف جو انقلابي ڪردار يا خانپور شهر جي سياسي انتظامي ڪارگذارين کان ويندي آڳاٽي مذهبي ۽ علمي درسگاهن جي قيام بابت تفصيل ۽ ذاتين واري حصي ۾ سيد، سيٺار ۽ ٻپڙ سميت 40 خاندانن جي قبيلن جي بڻ بنياد جا تفصيلي احوال کانپوءِ ڪتاب جي آخري سيشن ۾ هنڌ ڳڙهي(خانپور) بابت دستاويز، نقشا ۽ تصويري گئلري شامل آهي، پروفيسر واجد بخاري تاريخ جهڙي نهايت پيچيده موضوع کي پُرلُطف بڻائيندي سيڪشن (خانپور شهر جا قصا ۽ چوڻيون) ۾ پڙهندڙن لاءِ بيحد تفريحي ماحول جوڙيو آهي، جن ۾ خاص طور لالو ڪمائي لٺ تي لائي، علي شاهه جا عذاب ۽ قادو قرآني نمايا حيثيت رکن ٿا.

سماجي سائنس ۾ تاريخ جو مطالعو انساني زندگيءَ تي بي حد اثر اثرانداز ٿئي ٿو، تاريخ ماضيءَ جي مطالعي سان گڏ موجوده وقت جي لقائن تي به اثرانداز ٿئي ٿي، تاريخ ماضي جي واقعن کي تسلسل ۾ جانچڻ، تجزيو ڪرڻ سميت ماضي مان پرائي حال جي اصلاحات کي ڪارگر بڻائڻ جو عقليت تي مبني عمل جو علم آهي، تاريخ جي مطالعي جو مقصد مقامي آفاديت کي فروغ ڏيڻ  سان گڏوگڏ مُلڪي توڙي عالمي واءُسواءُ کي ماضي ۾ جانچڻ جو مکيه ذريعو سمجهو ويندو آهي، تاريخ جو ڪارج ۽ اهميت کي سمجهندي هميشه شهنشاهن ۽ حڪمران طبقن ان کي پنهنجي منشا مطابق پئي ڪتب آندو آهي ۽ ڏٺو وڄي ته تاريخ طوالت ۾ به سچ جي ڀيٽ ۾ داستان گوئي وسيلي وڏي حصي تي صدين تائين جي ظلم ۽ بربريت ۾ دنيا جي ڪروڙين انسانن تي قيامتون برپا ڪندڙ استحصالي ڌرين درٻاري ليکڪن عيوض تاريخ کي پنهنجو محبوب مشغلو سمجهي پنهنجي حصي ۾ آيل نالائقن تي پردو ڏياري، عوام کي پنهنجي حق جي حقيقتن کان هر دور اندر  غافل رکندي آئي.

16صديءَ جي صنعتي انقلاب ۽ روس ۾ آڪٽوبر انقلاب انساني سماج ۾ نئين سوچ جو جذبو پيدا ڪيو، سائنسي ترقي ۽ عوامي طاقت آمريت جي بالادستي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ علم مندرن، مسجدن ۽ گرجا گهرن جي اجارداري کان هتي پورهيت عوام جي ذهني تربيت ۽ ضرورتن جي پورائي جو وسيلو بڻيو ۽ رياست اندر اجتماعي فيصلي سازي لاءِ ڪجهه گنجائش پيداٿي، اُنهيءَ نتيجي ۾ باشعور دانشور طبقي، تاريخ سازيءَ کي انساني غلامي تي فتحيابي آزاد تقدير کي پنهنجي تحريرن جو حصو بڻائي، بالادست ڦورو مفادپرست ذهنيت کان تاريخ جي وجود کي آزادي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حقيقي تاريخ لکڻ جا بنياد رکندي گمنامي جي رڻن ۾ قتل عام کي وائکو ڪرڻ سميت ڌرتي جي سوداگرن اڳيان سر جو سانگو لاهي جدوجهدن جي سونهن کي تاريخ جي لکت ۾ نڪور مقام تي پهچايو،

اهڙي ريت تاريخ نويسيءَ پنهنجي نئين سفر جي شروعات ڪئي، قومن جي زندگيءَ ۾ تاريخ جي اهميت ايتري ئي خاص هوندي آهي، جيڪا ڪنهن فرد جي زندگيءَ ۾ ان جي يادگيري جي هوندي آهي، جهڙيءَ ريت ڪنهن ماڻهوءَ جي يادگيريءَ جو دارومدار سندس شخصيت، ڪردار، سوچ ۽ فڪر تي هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ڪنهن به قوم جي اجتماعي زندگيءَ ۽ مجموعي طرز عمل کي سمجهڻ لاءِ  تاريخ جي مطالعي وسيلي ئي سمجهي سگهجي ٿو،

پرفيسر واجد بخاري جو جيتوڻيڪ تاريخ جهڙي ڪٺن موضوع تي ڪلم کڻڻ جو شروعاتي قدم آهي پر سندس ئي تحقيقي پورهئي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ان اُميد سان ايندڙ وقت ۾ به سنڌ جو هي بيباڪ فرزند موهن جي تهذيب ۾ دفن داستان مان ڌرتي ڌڻين سان ڪيل ويساهه گهاتين سميت ديس واسين جي سرويچ ۽ مهندار تاريخ تراشي قوم اڳيان نروار ڪرڻ ۾ پنهنجو قومي فرض نڀائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.