مظلوم هارين جو آواز

ذوالفقار ڀٽي

جيئي سنڌ، ٻن لفظن جو ڪيڏو نه حسين ميلاپ آهي، ڪيڏو نه سندر سلام آهي! اهي لفظ اچارڻ سان روح جي رڻ ۾ ڄڻ ته گل ٽڙيو پون ۽ دل جي دنيا ۾ بهار اچيو وڃي. جيئي سنڌ ۽ ڇونه جيئي، ڇونه جيئي اها ڌرتي جنهن جي ماڻهن جي سيني ۾ سڄي انسانيت لاءِ درد سمايل آهي، جنهن ڌرتيءَ جا بزرگ، پنهنجي ديس لاءِ دعا گهرڻ وقت ساري عالم جي سک، امن ۽ آجپي جي دعا نٿا وسارين، جنهن ڌرتي جي تهذيب دنيا جي تهذيبن جي سرموڙ تهذيب آهي، جنهن ڌرتيءَ تي شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جهڙا بزرگ سچل ۽ سامي جهڙا الله لوڪ انسان، دودي ۽ دولهه جهڙا دلير مرد، هوشو ۽ هيمون جهڙا نوجوان، بختاور ۽ ڀاڳيءَ جهڙيون عورتون، ننگر جهڙا ننگر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا داناءَ ۽ عظيم انسان جنم وٺن ٿا. بقول استاد بخاريءَ جي ته:

جنهن جا ڄايا دريا دودا،

هوشوءَ هيمون جهڙا جوڌا،

سا ماءُ ڇو نه ڀلا جيئي،

جيئي سنڌ سدا جيئي.

توڻي جو لفظ جيئي سنڌ، سائين جي ايم سيد جي سڃاڻپ ۽ سائين جي ايم سيد، جيئي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ لفظ کي جهر جهنگ، وستي واهڻ ۽ هر سنڌيءَ جي چپن جو گيت بلاشڪ سائين جي ايم سيد ئي بڻايو، پر اهو لفظ هڪ سهڻي ۽ سٻاجهڙي انسان باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي پنهنجي لازوال نظم، ”جامِ محبت پيئي سنڌ، جيئي سنڌ جيئي“ ۾ متعارف ڪرايو.

حيدر بخش جتوئي نالو آهي هڪ تحريڪ جو جيڪا هر قسم جي ظلم ۽ جبر جي خلاف هئي. حيدر بخش جتوئي نالو آهي هڪ جدوجهد جو جيڪا هر مظلوم جي حق لاءِ هلي، حيدر بخش نالو آهي هڪ اداري جو جنهن مان اسان کي سنڌ دوستي ۽ مظلوم دوستيءَ جو درس ملي ٿو، جنهن دنيا جي هر خوشي ۽ راحت پنهنجي قوم جي مسڪين ۽ لاچار هارين جي ڏک تان قربان ڪري ڇڏي. هن سنڌ جي سٻاجهڙي، سادي ۽ ظلم جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هارين کي ظالم جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جو حوصلو ڏنو. پنهنجي ڦٻايل حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهاند جو طريقو ڏسيو، نه صرف طريقو ڏسيو پر حق به ڏياريا. هونءَ ته سنڌ ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا مڻيادار ماڻهو ملي ويندا، جن جي قرباني ۽ حب الوطنيءَ جا قصا هر زبان تي آهن پر حيدر بخش جتوئي وانگر هڪ اعليٰ سرڪاري عهدو، اسٽيٽس، سک، آرام ۽ آسائش ٿڏي غريب ۽ مسڪين هارين ۾ وڃي ڪم ڪرڻ جو مثال شايد ئي ملي سگهي. سندس حياتي مسلسل جدوجهد جي علامت بڻجي اسان آڏو آهي. مسلسل جدوجهد، مقصد سان سچائي ۽ منزل تي پهچڻ جي تڙپ سندس حياتيءَ جو مکيه اصول هو، هو شاهه ڀٽائيءَ جو اهو کاهوڙي هو، جنهن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهين،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

حيدر بخش جتوئي پنهنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ وسيلي سنڌ جي هيسيل ۽ مظلوم هارين جي جذبن کي اها جلا بخشي، جيڪا هن کان اڳ ڪنهن به نه بخشي هئي. اها يقينن حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلابي سوچ جي ئي پهچ هئي، جنهن هڪ ڪمزور ۽ ضعيف عورت ”مائي بختاور“ کي ظالم وڏيري آڏو جبل جيان آڻي بيهاريو ۽ سندس هٿياربند ڇاڙتن جي موجودگيءَ ۾ وڏيري جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس للڪاري چوي ٿي ته ”اَنَ جو هڪ داڻو به نه کڻڻ ڏينديسانءِ“ ۽ بندوقن اڳيان ڏانداري هٿ ۾ جهلي هڪل ڪري ٿي ”خبردار! متان اڳيان وڌيا آهيو“ ۽ اهو حيدر بخش جتوئي جي ڏنل شعور جي نتيجي ۾ هليل جدوجهد جو ئي نتيجو هو، جنهن تحت هارين زمين جي اپت مان اڌ جو حقدار ٺهرايو ويو، جنهن کي ”ٽيننسي ايڪٽ“ جو نالو ڏنو ويو.

ڀٽ ڌڻيءَ جي ديس جو هي سهڻو ماڻهو، هيءُ هنج ۽ هيءُ بهار جي بوءِ ڏيندڙ اڏول انسان ۶ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ بکوديري ۾ الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ ڄائو. حيدر بخش جتوئي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين ۽ عام ٻارن کان الڳ شخصيت جو مالڪ هو. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ لاڙڪاڻي مان ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي ڪري روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ايمانداري، سچائي، همدردي بردباري، اهي خصلتون هيون جيڪي کيس قدرت پاران عطا ڪيون ويون هيون، هو هڪ سچو قومپرست، وطن دوست، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ آزاديءَ جو پروانو هو، اهو ئي سبب هو جو هن کان سنڌ جي هارين جي پست حالي، وڏيرن جي ظلم ۾ پيڙهجڻ، ڏٺو نه ٿيو ۽ هن هارين جي سڌاري، تعليم ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو؛ پر پوءِ جلد ئي هن پنهنجي سرڪاري نوڪري کي انهيءَ راهه ۾ رڪاوٽ محسوس ڪيو ۽ نيٺ ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري جهڙي اعليٰ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي هارين جي حقن لاءِ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. جنهن وقت حيدر بخش جتوئي مظلوم هارين جي سکن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سنڌ هاري ڪاميٽي جو بنياد وجهي سنڌ جي ظالم زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف تحريڪ جو آغاز ڪري چڪا هئا.

حيدر بخش جتوئي به انهيءَ تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، جتي سندس هارين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيل بي مثال خدمتن کي ڏسندي کيس سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي کيس سندس اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ڪري، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. سنڌ جي هارين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ باقاعده اخبار ”هاري حقدار“ پڻ جاري ڪيائين، انهيءَ وقت ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ کي ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ ڦاسايو ويو ۽ سنڌ جي آمدنيءَ جا ۳۳ ڪروڙ رپيا زوري مرڪز جي حوالي ڪيا ويا. حيدر بخش جتوئي سنڌ سان ٿيندڙ ايڏي وڏي ناانصافي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف قلم کنيائين ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نظربند ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سندس مٿان پنهنجي ئي وطن ”سنڌ“ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي، ته به هو پنهنجي اصولن تان نه ڦريو ۽ مظلوم سنڌي هارين جي حمايت ڪندو رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.