ڦل لڳ پيرسن گهرو اڻبت تان ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

نوشهرو فيروز ( رپورٽ: ايم ظفر تڳر ) پيرسن روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. خبر موجب ڦل شهر ڀرسان ڳوٺ بادل  خاصخيلي جي رهواسي 65 سالن جي گلڻ خاصخيلي روهڙي ڪئنال ڦل فال ريگيوليٽر واهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏي ٻڌايو پيو وڃي ته ڪئنال تي سندس ڀاءُ صادق خاصخيلي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪري ڇڏي اتي موجود مقامي ماڻهن لاش ڪڍي ورتو سندس وارثن جو چوڻ آھي ته گلڻ جو دماغي توازن ٺيڪ نه ھو ٻئي پاسي علائقي ۾ اهي به چؤٻول هلي رهيا آھن ته گلڻ خاصخيلي گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي آھي واقعي واري هنڌ تان وارث ايمبولنس نه ملڻ تي لاش رڪشا ۾ ڳوٺ کڻائي ويا وارثن جو چوڻ هو ته اسان بي ايڇ يو اسپتال وارن کي ايمبولنس لاءِ چيو پر اسپتال وارن چيو ته ايمبولينس موجود ناهي ۽ نوشهرو فيروز آفيس ويل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.