بدين ضلعي ۾ پاڻي جي بحران خلاف گولاڙچي ۾ ايس يو پي جي ريلي، ڌرڻو

گولاڙچي (رپورٽ: عيدن زندپور)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي گولاڙچي طرفان بدين ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ضلعي جو زمينون بنجر ڪرڻ خلاف ايس يو پي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور، ايس يو پي ضلعي بدين جي صدر سيد حيدر شاھ،سياف مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري دانش نور،سياف ضلعي بدين جي صدر شھباز سنڌي،ابو نوحاڻي رحيم پنھور جي اڳواڻي ۾ سي اين جي پمپ کان پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي فاضل راھو چوڪ تي ڌرڻو ھيو ويو احتجاجي ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي جاکرو نوحاڻي قومي عوامي تحريڪ جي ڪامريڊ يوسف لاشاري سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي بدين سميت سموري سنڌ ۾ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي تباھي طرف ڌڪيو پيو وڃي گولاڙچي تعلقي جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻھو تڙپي رھيا آھن ڪيترن ئي سالن کان سامونڊي پٽي وارن ڳوٺن ۾ زرعي پاڻي نه پھچڻ ڪري جر جو پاڻي زھر مثل ٿي ويو آھي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي پنجاب طرفان اکين ڏٺو ڌاڙو ھيو پيو وڃي پر پيپلز پارٽي جا وزير ۽ اڳواڻ سنڌ جو  پاڻي پنجاب کان وٺڻ بدران پنجاب جي ئي وڪالت ڪري رھيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.