عمران خان جي خطرناڪ راند، ادارا تحرڪ ۾ اچي ويا

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  عمران خان کي جمهوري طريقي سان پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي شڪست ته ڏني وئي آهي پر عمران خان اقتدار کسجڻ  کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سينيئر صحافي حامد مير پنهنجي  تجزئي ۾ چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي حصول لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ۽ آئين ۽ قانون جون ڀڃڪڙيون هن لاءِ ڪو مسئلو نه آهي، هاڻي ته هو رياستي ادارن سان سڌو ٽڪر ۾اچي ويو آهي ۽ گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته اقتدار کان ٻاهر هو وڌيڪ خطريناڪ آهي جنهن جو هو اڳ اعلان ڪري چڪو آهي، ڪوڙين دعوائن ۽ ڪوڙي حب الوطني جي نعري هيٺ نڪتل آهي، کيس اها اميد آهي ته هو 20 لک ماڻهو اسلام آباد ۾ آڻي  رياستي ادارن تي دٻاءُ وجهي امپورٽيڊ حڪومت جو خاتمو آڻيدو ۽ ڪجهه ئي مهينن ۾ اقتدار ۾ ا چي ويندو، ان لاءِ هو چندو گڏ ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ ۽ پر ڏيهه ۾ خاص طور  برطانيا ۽ آمريڪا  مان چندو گڏ ٿي رهيو آهي، عمران خان جيڪا خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، ان کان ادارا لاتعلق نه آهن، اهڙا اشارا ملي  رهيا آهن ته ادارا تحرڪ ۾ اچي ويا آهن، هو ڪارڪردگيءَ  بدران مخالفن کي چور ڌاڙيل سڏي رياستي ادارن جي  سربراهن کي سراج الدوله جي سپهه سالار سان ڀيٽي غدار قرار ڏئي رهيو آهي، سماج کي مذهبي ڪارڊ ذريعي ورهائي رهيو آهي، حقيقي آزادي جو نعرو هڻي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي. 0

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.