مٺي پوليس ويم لاءِ اسپتال ويندڙ عورت جي گاڏي روڪي ڇڏي، ٻار فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڳوٺ ھريار کان ٽئڪسي ۾ ڳوٺاڻو صابر منڱڻھار پنهنجي حامله زال کي مٺي سول اسپتال ڏانهن سيريس حالت ۾ وٺي اچي رهيو هو ته مٺي ڀرسان باءِ پاس تي قائم چيلهار موڙ پوليس پوسٽ جي اهلڪارن اهو چئي سندن گاڏي اڌ ڪلاڪ تائين روڪي ڇڏي ته اسانکي چيلهار مان ڳجهو اطلاع مليو آھي ته هن گاڏي کي نه ڇڏجو، اڌ ڪلاڪ تائين سخت گرمي ۾ گاڏي روڪڻ سبب مريض حامله عورت ۽ سندن گاڏي ۾ سوار وارث عورتندانهون ڪيون ۽ مريض عورت تڙپندي رهي ۽ عورت جو پوليس سامهون حمل ضايع ٿي ويو ۽ عورت 5 مهينن جي ٻار کي جنم ڏنو بعد ۾ متاثرن ايس ايڇ او کي فون تي التجائون ڪيون جنهن کانپوءِ کين اسپتال وڃڻ ڏنو ويو جتي سول اسپتال مٺي ۾ ڊاڪٽرن ٻارڙو فوت ٿي ويل هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس داخل ڪيو آھي ۽ ڊاڪٽرن پاران سندس زندگي بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن،  هوڏانهن متاثر خاندان مٺي سول اسپتال ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته حمل ضايع ۽ ٻار جي موت جي ذميوار اسانکي اڌ ڪلاڪ تائين روڪيندڙ پوليس آھن ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هنن چيو ته پوليس جي اهڪارن حامله عورت جو ٻڌايو پر اهلڪارن اسانکي گارگند ڪرڻ سان گڏ بلاجواز اڌ ڪلاڪ روڪي ڇڏيو ۽ گهر واري پوليس سامهون ٻار کي جنم ڏنو،پوليس وارا اسانجي التجائن باوجود مشڪريون ۽ اسانکي گاريون ڏيندا رهيا ۽ مريض کي وقت تي اسپتال پهچڻ نه ڏنو، ٻارڙي جي موت جا ذميوار پوليس اهلڪار آھن سندن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،ٻار فوت ٿي ويو ۽ عورت جي زندگي پڻ خطري ۾ آھي پوليس اهلڪارن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي، ٻئي طرف ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي رابطو ڪرڻ تي چيو ته مونکي معاملي جي ڄاڻ نه آھي پڇا ڪريان ٿو اگر پوليس وارن زيادتي ڪئي هوندي ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي هوڏانهن واقعي واري هنڌ تان پوليس پوسٽ تي موجود پوليس اهلڪارن جي وڍيو پڻ سوشل ميڍيا تي وائرل ٿي آھي جنهن ۾ پوليس جمعدار ارجڻ ميگهواڙ پاڻ کي ظاهر ڪندڙ اهلڪار چوي ٿو ته اسانکي چيلهار پوليس جي اهلڪار مٺو اطلاع ڪيو ته توهانجي پوسٽ تان گذرندڙ ڄاڻايل گاڏي ۾ ڏوهه آھي انکي روڪي چيڪ ڪريو ۽ اڳتي نه ڇڏجو جنهن ڪري اسان گاڏي روڪي آھي گاڏي ۾ عورتون ضرور سوار هيون ۽ انهن التجائون به ڪيون پر اسانکي انفارميشن هئي انڪري گاڏي کي مڪمل طور چيڪ ڪرڻي هئي ۽ جڏهن ٻار ضايع ٿيو ۽ اسانکي ايس ايڇ او مٺي گاڏي کي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ته اسان ڇڏي ڏنو ۽ 15 منٽ گاڏي روڪي انٽري ڪئي سين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.