سبسڊي ختم ٿيڻ تي پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿي ويندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) حڪومت کي پيٽروليم شين جي وڌندڙ سبسڊي کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان اڄ اهم فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ پيٽروليم شين تي ڏني ويندڙ سبسڊي کي مرحلي وار ختم ڪري سگهجي ٿو، جنهن ذريعي پيٽروليم شين جا اگهه وڌايا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت في ليٽر پيٽرول تي 29 رپيا 60 پئسا سبسڊي ٿيندي آهي ۽ 16 مئي کان في ليٽر پيٽرول تي سبسڊي جي اها رقم 45 رپيا 14 پئسا تائين پهچي ويندي، سڄي سبسڊي ختم ڪيون ته في ليٽر پيٽرول 45 رپيا 15 پئسا مهانگو ڪرڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ في ليٽر پيٽرول 195 رپيا ٿي ويندو.

ذريعن موجب هن وقت ڊيزل تي في ليٽر سبسڊي 73 رپيا 4 پئسا آهي ۽ 16 مئي کان ڊيزل تي سبسڊي 85 رپيا 85 پئسا تائين پهچي ويندي، جڏهن ته مڪمل سبسڊي ختم ڪرڻ سان ڊيزل جي قيمت 230 رپيا في ليٽر تائين پهچي سگهي ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ تي في ليٽر سبسڊي 43 رپيا 16 پئسا آهي ۽ 16 مئي کان گاسليٽ تي في ليٽر سبسڊي 50.44 رپيا ٿي ويندي، ائين گاسليٽ تي سبسڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 176 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.

ذريعن موجب ڊالر وڌڻ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو سبب آهي، جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.