ڪراچي بم ڌماڪو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ چئلينج

ڪراچي شهر جي مصروف علائقي صدر ۾ هڪ فوڊ اسٽريٽ وٽ خميس جي يارهين وڳي هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو مارجي ويو جڏهن ته 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي جو آواز ڪافي زوردار هو ،جنهن سان آسپاس جي علائقي ۾ خوف پيدا ٿي ويو. واقعي بابت چيو ٿو وڃي ته اهو مشهور يونائٽيڊ هوٽل  ۽ يونائٽيڊ بيڪري ڀرسان مرشد بازار نالي عمارت وٽ ان هنڌ ٿيو جتي هڪ ڪوسٽ گارڊ جي گاڏي بيٺل هئي.

واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اصل هنڌ ڪچري جي هڪ ڪونڊي آهي. جتان هڪ سائيڪل ملي آهي بم ان سائيڪل ۾ فٽ ٿيل هو، ڊي آءِ جي موجب بم موٽر سائڪل ۾ لڳل هو.اتان ان وچ ۾ ڪوسٽ گارڊ جي هڪ گاڏي به گذري رهي هئي ٿي سگهي ٿو ته ڌماڪو ڪندڙن  جو ٽارگيٽ اها گاڏي هجي .پر پوليس پهرين اهڙي شڪ کي درست قرار نه ڏنو آهي.   بم ڌماڪي سان  7 موٽر سائيڪلن سميت 15 گاڏيون تباهه ٿيون هيون. ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل موجب ڌماڪو آءِ اي ڊي  ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو، بم جو ٽائيم 11لڳي 20 منٽ رکيو ويو هو،اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جو اڳواٽ ڪو اطلاع نه هو.

هڪ مهيني جي اندر ڪراچيءَ ۾هي ٻيو دهشتگردي جو واقعو آهي،هن کان اڳ  26 اپريل تي هڪ خاتون خودڪش بمبار ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾چيني شهرين جي وين مٿان آپگهاتي حملو ڪيو هو. اهڙو واقعو بهرحال هڪ ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي،واقعي ڪندڙن جو مقصد شايد ڌيان ڇڪرائڻ آهي.ڇاڪاڻ  ته ڌماڪي وارو وقت رات جو هو. ان هوندي به اهو عمل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ چئلينج آهي.

هڪ وڏو شهر هر حوالي سان اهم هوندو آهي،هن کان اڳ واري خودڪش حملي جو پڙاڏو به گهڻو وڏو هو جنهن ڪري هن ڀيري به دهشتگردن ڪراچي شهر کي ٽارگيٽ ڪيو.

ملڪ اڳي ئي ڪيترن بحرانن ۾ ڦاٿل آهي مٿان وري اهڙي نوعيت جا ڌماڪا عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن،جنهن ڪري ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو آهي،سمورين قانون لاڳو ڪندڙن ڌرين کي هن معاملي کي  سنجيدگي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪا جوڳي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هوڏانهن بي بي سي موجب سنڌو ديش ريوليشنيري آرميءَ ان واقعي جي ذميدار قبول ڪئي آهي، ان جي ترجمان سوڍو سنڌي ان بابت چيو آهي ته ڌماڪي جو ٽارگيٽ ڪوسٽ گارڊ جي گاڏي هئي، ان تنظيم هن کان اڳ به اهڙي نوعيت جي واقعن جي ذميداري قبول ڪئي آهي جنهن ۾ 19 جون 2020 تي ڪراچي جي لياقت آباد ۾ حساس سينٽر جو واقعو ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيل حملو به شامل آهن. ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ پڻ چيو آهي ته اهو وقعو اصغر شاهه عرف سجاد شاهه گروپ جو ڪيل آهي.

اهڙي نوعيت جا واقعا محسوس ڪرائين ٿا ته دهشتگردي جون سرگرميون جاري آهن،جنهنڪري اهو خطرو وري به رهي ٿو ته اهي ڪنهن به وقت ڪو وڏو نقصان ڏئي سگهن ٿيون، پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جيئن عام ڪراچي جا ماڻهون ان خوف مان آجا ٿي سگهن. هي ڀلي کڻي هڪ هلڪو واقعو هجي پر اهو پنهنجي نوعيت ۾ دهشتگرديءَ جو واقعو آهي. جيڪو عوام کي بي چين ڪري ٿو.

ڪنهن به طرح اهو نٿو محسوس ٿئي ته انهن ٿورائي وارن دهشتگردن کي ڪا عوامي سطح جي حمايت حاصل آهي، جنهنڪري اهي اهڙي قسم جون سرگرميون ڪري عوام کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا، جنهن جو مقصد سنڌ ۾  امن مان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ آهي، سنڌ ۾ عام طور تي ڪيترائي مسئلا آهن ۽ انهن کي مختلف سياسي گروپ ايڊريس ڪري پنهنجي سياست ڪن ٿا پر  دهشتگرديءَ وارن واقعن کي ڪنهن به سطح تي حمايت حاصل نه آهي، سمورين ڌرين کي  گهرجي تي پرامن سياسي جدوجهد سان اڳتي وڌن ان سان ئي سنڌ جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا، هي سستي شهرت وارو طريقو گهٽ فائدو ۽ وڌيڪ نقصان ڏيندو، جنهن جو نتيجو به ڪو اهڙو ناهي جنهن تي عوامي حمايت ملي سگهي،

ڪنهن به مقصد ماڻڻ لاءِ تعليم پهرين شرط آهي، جنهن سان ئي دنيا ۾ مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سياسي جدوجهد جي لاءِ سياسي تعليم ضروري آهي، ان کانسواءِ شايد ڪو به  ٻيو حل دنيا ۾ نه هجي، تنهنڪري اهڙي رستي جي چونڊ نه ڪئي وڃي جنهن سان عوام توڙي ملڪ کي ڪمزور ڪجي.

ڪراچي هڪ وڏو شهر آهي جنهن جي هن وقت آبادي ٽن ڪروڙن تائين هوندي، جنهن نموني هي شهر وڌيو ۽ پکڙيو آهي ان سان شهر جا مسئلا به وڌيا آهن اهو درست آهي ته شهر ۾جتي رسمي سيڪٽر ڪم ڪري رهيو آهي اتي غيررسمي سيڪٽر به گهڻو تڪڙو آهي، بيحد آبادي ۽ بي ترتيب شهر ۾ اهڙي نوعيت جي واقعن کي سنڀالڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ به ڪافي ڳنڀير معاملو آهي ان جي لاءِ پوليس ۽ عرصي کان شهر ۾ قانون لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ويٺل ادارن کي به هن اهم معاملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوڳي حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان شهر جي امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ۽ عوام ۾ تحفظ جو احساس ٿئي.

سنڌ جي سياسي قيادت کي به هن طرف خاص  ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جيئن  ان سان دهشتگرديءَ جي واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي. اميد ڪجي ٿي ته عوام اهڙي قسم جي واقعن جي نندا ڪندو۽ سياسي ڌريون پنهنجي پرامن جدوجهد تي يقين رکندي اڳيان وڌنديون، جنهن سان ئي هن سماج ۾ مثبت ۽ هاڪاري تبديلي ممڪن ٿي سگهندي، ٻي صورت ۾ اهڙي دهشتگرديءَ جو ڪو مستقبل نه هوندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.