بهارو ڀرسان ڀٽي ۽ جتوئي تڪرار ڀڙڪي پيو، ھڪ ڄڻو قتل، ٽي زخمي، لاش رکي احتجاج

بهارو (رپورٽ جاويد پنهور) بهاروڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لال بخش ڀٽي ۾ پراڻي تڪرار تان ڀٽي ۽ جتوئي برادري ۾ ٻيھر جھيڙو ڀڙڪي پيو، شديد فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو قتل، ٽي ڄڻا سخت زخمي، فوتي جي وارثن لاڙڪاڻو خيرپور باءپاس تي لاش رکي احتجاج، خبر موجب بهارو ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لال بخش ڀٽي ۾ جتوئي ۽ ڀٽي برادري جو پراڻي تڪرار تان ٻيھر پاڻيءَ جي واري تان جھيڙو ٿي پيو آهي جڏھن تہ شديد فائرنگ جي نتيجي جتوئي برادري جو ھڪ ڄڻو 22 سالا نوجوان منٺار ولد لطف الله جتوئي قتل ٿي ويو آھي جڏھن تہ ٻي ڌر ڀٽي برادري ڏانھن ٽي ڄڻا ارباب، مطلب، مختيار سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي بھارو پوليس گمس اسپتال داخل ڪرايو آھي جڏھن تہ مطلب ڀٽي جي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي پئي وڃي ھوڏانھن فوتي جي وارثن جتوئي برادري لاڙڪاڻو خيرپور باءپاس پير جليل اسٽاپ وٽ لاش رکي ڌرڻو ھنيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.