عرب خطو هڪ غير معمولي حڪمران کان محروم ٿي ويو: بلاول

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري  متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته امير دبئي شيخ خليفه بن زيد النهيان جو متحده عرب امارات جي ترقي ۾ مثالي ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي عرب خطو هڪ غير معمولي حڪمران کان محروم ٿي ويو. شيخ خليفه بن زيد النهيان جي ڏاڻي تي متحده عرب امارات جي عوام ۽ شاهي خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.