مهيني ڏيڍ ۾ نه عمران نه ئي پي ٽي آءِ هوندي: سيٺي/ صافي

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي نجم سيٺي جو چو ڻ آهي ته عمران خان جي جلسن ۾ ماڻهن جو انگ گهٽجي رهيوآهي ۽ اهو ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ويندو، فرح گوگي جي سوال تي نجم سيٺي چيو ته اسان وٽ عجيب ڪلچر آهي ته عورت بابت نه ڳالهايو،ڳالهه اها آهي ته ملڪ جون وڏيون شخصيتون خاص ڪري اعليٰ انتظامي شخصيتن جا خاندان به عوام آڏو جوابده هوندا آهن ته فرح گوگي يا بشريٰ بي بي  جيڪو ڪجهه ڪنديون رهيون ته انهن تي آڱريون ته کڄنديون، ڪجهه سيڪريٽرين خبرون ڏنيون آهن  ۽ اڃان سيڪريٽري جڏهن ميڊيا آڏو ايندا ته سڀ ڪجهه عيان ٿي ويندو، هن چيو جسٽس فائز عيسيٰ جيڪو ايندڙ چيف جسٽس آهي  ان سان ان جي گهر واري ۽ ٻارن کي  ڪنهن هراسان ڪيو، ڪلثوم نواز، بيگم نصرت ڀٽو حد ته اها آهي ته فاطمه جناح سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو ان ڪري مستقبل ۾ فرح گوگي۽ بشريٰ بي بي بابت اهم انڪشاف ٿيندا، رهيو سوال ته عمران خان جوبيانيو هاڻي دم ٽوڙي رهيو آهي آخري ڪوشش ڪندو پر ٿيندو ڪجهه به نه، اهائي ڳالهه نامياري صحافي سليم صافي چئي آهي ته ايندڙ مهينن ٻن ۾ عمران خان هوندو نه پي ٽي آءِ هوندي

عمران خان تي ايان علي جي ڇتي تنقيد، نه گهٻرائڻ جو مشورو

دبئي (م ڊ) ماڊل ايان علي تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي. ايان علي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نه گهٻرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ماڊل ايان علي پاڻ بابت عمران خان جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته مان 20 سالن جي عمر ۾ ننڍا ڪيس وڙهي کٽي چڪي آهيان. اميد آهي اوهان گهٻرائيندو نه، ڏسون ٿا اوهان ڪيترا ڏينهن برداشت ڪريو ٿا، ايان علي وڌيڪ چيو ته ٻه عادتون شايد اوهان مرڻ تائين نٿا ڇڏي سگهو، پهرين عادت منهنجي نالي تي ٽي آر پي ڪمائڻ ۽ ٻيو ڪوڙ ڳالهائڻ، ڇو ته سچ ڳالهائڻ اوهان سکيو ئي ناهي. اوهان 4 سال وزيراعظم رهيو پر پوءِ به منهنجي مٿان ڪوڙا الزام لڳائڻ کان سواءِ اوهان جي تقرير ۽ خبر مڪمل نٿي ٿئي.ياد رهي ته ماڊل اياز علي تي مني لانڊرنگ جا الزام هئا ۽ عمران خان پنهنجي تازي تقرير ۾ ايان علي جو حوالو ڏنو هو.

حڪومت فيصلو ڪيو ته عمران کي گرفتار ڪيو ويندو: راڻا ثناءُ الله 

لنڊن (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جو اشارو ڏئي ڇڏيو. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ۽ ڪابينا کي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اتحادي حڪومت عمران خان جي گرفتاري جو فيصلو ڪيو ته بلڪل عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ هڪ ڪوڙ ۽ فراڊ آهي، اسان تي ان جو ڪو دٻاءُ ناهي، اهو ڪو مسئلو ناهي، ان کي قابو ڪري وٺنداسين، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو. عمران خان جي گرفتاري يا نظربندي جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته فيصلو اتحادي حڪومت ۽ ڪابينا کي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن فيصلو ڪيو ويو ته ان کي گرفتار يا نظربند ڪيو ويندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.