ڪي اليڪٽرڪ تي ايم ڪيو ايم جي ڪاوڙ، وزيراعظم کان نوٽيس جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم ڪراچي شهر ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، رابطا ڪاميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لي اليڪٽرڪ شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، وفاق کان 1100 ميگاواٽ بجلي ملڻ باوجود شهرين کي بجلي نه ٿي ملي. بيان ۾ چيو ويو ته بجلي جي پيداواري ۽ ورهاست جو سسٽم تباهه آهي، جنهن سبب شهرين ڀوڳي رهيا آهن، جڏهن ته ڳرا بل موڪلي شهرين کي ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي، جنهن جو وزيراعظم نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.