نواب شاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي نواب شاهه پاران مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سبحان مگسي، غفار ڏھراج، سيد رستم شاهه، رفيق ملاح، عاقب ڏاھري، معيز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ھائوس کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نواب شاهه پريس ڪلب پھتي ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جو پاڻي پنجاب غير قانوني طور چوري ڪري رھيو آھي، جڏهن ته سِنڌ جي حصي جي پاڻي جي چوري ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، ھنن چيو ته سِنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھه ٿي رھيا آھن،  ھنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.