قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو پڙاڏو، پاڻي کوٽ تي سخت احتجاج

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو آهي ته زراعت کي صنعت جو درجو ڏنو وڃي، ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي سر جوڙي ويهڻ گهرجي، ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ کي برابر ورهايو وڃي، مستقبل ۾ پاڻي جي بحران کان بچڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، اقليتن جي سيٽن جي چونڊ سڌي  سنئين ٿيڻ گهرجي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي مسلم ليگ (ن) جي قيصر احمد شيخ چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالر رهجي ويا آهن، ٽن مهينن ۾ گهٽ ذخيرن تي ملڪ ڊيفالٽ ڪري سگهي ٿو، ڊالر 191 روپين کان ٽپي ويو آهي، روانگي واپار جو خسارو 39 ارب ڊالر اچي ويو آهي، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جو سوچڻ گهرجي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 13.4 سيڪڙو آهي، بئنڪن کان وياج جي شرح 16 سيڪڙو کان مٿي آهي، ان تي هڪ ڀرپور مباحثو ڪرايو وڃي، ملڪ ۾ سڌو سنئون ٽيڪس لڳايو وڃي، امير امير ٿيو آهي، هن چيو ته منهنجي تڪ جا روڊ خراب آهن، انهن کي بهتر بڻايو وڃي، پيپلزپارٽي جي ميمبر يوسف ٽالپور چيو ته هر ماڻهو کي اها خبر آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي تنهن هوندي به ان کوٽ کي برابر ورهايو وڃي، 1991ع جي معاهدي تحت پاڻي ڏنو وڃي، رميش ڪمار وانڪواڻي چيو ته عمران خان پيٽرول جون قيمتون برقرار رکي مقبول فيصلو ڪيو تنهن هوندي به ان سان رياست ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ معاهدي جي خلاف ورزي ٿي آهي، آغا حسن بلوچ چيو ته وزيراعظم ٻاهرين ملڪ ڪابينا اجلاس نه ڪري رهيو آهي اهو مسلم ليگ (ن) جو مشاورتي اجلاس هو ۽ گذريل حڪومت جهڙي طرح هن ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ان کي درست ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي آهي، جيڪڏهن ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ٿي رهي آهي ته اهو ان جو حق آهي. جي يو آءِ اف جي ميمبر محمود شاهه چيو ته بلوچستان کي پاڻي ڏنو وڃي،پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته پاڻي جو مسئلو الله تعاليٰ جي طرفان آهي، مُلڪ ۾ 1961ع کانپوءِ هلندڙ سال پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، اميد آهي ته 15 جون تائين پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ چولستان کي آئين تحت برابري جي بنياد تي پاڻي ملندو. قومي اسيمبلي ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان ميمبرن پاران اٿاريل معاملي تي پاليسي بيان ۾ هن چيو ته اسان کي حقيقت کي منهن ڏيڻ گهرجي،پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اهڙي طرح جي کوٽ 1961ع ۾ آئي هئي، ان وقت اها ڊگهي کوٽ ٿي پر هن ڀيري اسان کي اميد آهي ته 15 جون تائين ان کوٽ تي ضابطو آندو ويندو. جيڪڏهن گرمي پد اهو ئي برقرار رهيو ته تربيلا کان گڊو تائين ايندڙ 15 کان 22 ڏينهن ۾ پاڻي پهچي ويندو. ڪابل کان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري 43 سيڪڙو کان گهٽجي 37 سيڪڙو پاڻي اچي رهيو آهي، پاڻي انساني مسئلو آهي اهو الله تعاليٰ جي طرفان آهي، ان تي اسان کي دعا ڪرڻ گهرجي ته الله تعاليٰ ان آفت کان اسان کي پناهه ڏي. هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اميد آهي ته 30 جون تائين الله اسان کي ايترو پاڻي ڏيندو جو پوزيشن بهتر ٿي ويندي. هن خاطري ڪرائي ته آئين تحت سڀني کي برابري جي بنياد تي پاڻي ملندو. هن پنجاب حڪومت کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجو 300 ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ڪري چولستان کي ڏئي ته اسان ٿورائتا رهنداسين، مسلم ليگ (ن) جي شيخ فياض الدين چيو ته منهنجو تڪ ضلعي رحيم يار خان ۽ چولستان تي ٻڌل آهي، اتي جانور اڃ جي شدت سان مرن پيا، پيئڻ جو پاڻي به دستياب نه آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.