ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جي بازيابي ۽ گهر وارن سان ملاقات واري درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.عدالت دعا زهراکي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايچ او الفلاح کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت 19 مئي تي پراسيڪيوٽر جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته هيل تائين جاچ آفيسر چالان پيش نه ڪيو آهي، گهر وارن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ دعا زهراکي بازياب ڪرايو وڃي.