بٺوري ۾ منشيات جي وڪرو خلاف شھري اتحاد جي ريلي

ميرپوربٺورو (رپورٽ: شوڪت سومرو) شهري اتحاد ميرپوربٺورو پاران گذريل ڪجهه عرصي دوران وات جي ڪينسر جا 1180 ڪيس ظاهر  ٿيڻ ۽ ميرپوربٺورو ۾ هڪ هفتي اندر ٽن نوجوانن جي وات جي ڪينسر سبب فوت ٿيڻ واري واقعي بعد منشيات خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهري اتحاد جي فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا اسماعيل شورو، صحت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جاويد شاھ، ڊي ايڇ او سجاول احمد پليجو، ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيام ڪمار، پريس ڪلب ميرپور بٺورو جي صدر شوڪت سومرو، واپاري ايسوسيئيشن جي صدر عبدالغفور ميمڻ، ايس ٽي پي ضلعي صدر عبدالغني ملاح، جي يو آئي جي مولانا طفيل کٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي علي بندر چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين پهتي، جڏهن ته ريلي دوران مظاهرين جي هٿ ۾ منشيات کان انڪار زندگي سان پيار جي نعرن سان لکيل پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل هئا، مين بس اسٽاپ تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته منشيات سبب موت جو راڪاس نوجوانن جون زندگيون ڳڙڪائي رهيو آهي هنن چيو ته سماج ۾ منشيات جي ڦهلاء کي روڪڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ممڪن اپاء ورتا وڃن، صحت کاتي جي عملدارن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تعاون سان عوام ۾ منشيات خلاف پراثر جاڳرتا پيغام پهچايو ويندو، هنن چيو ته تعلقي ميرپوربٺورو ۾ منشيات گهٽڪو، چرس ،هيروئن ۽ آئس جو واهپو ۽ وڪرو تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن خلاف پوليس انتظاميا جو خاطر خواہ عمل ناهي ڪيو هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن انتظاميا منشيات خلاف ڪي به قدم نه کنيا ته ميرپوربٺورو ۾ احتجاجي بک هڙتال شروع ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.