صالح پٽ لڳ 6 پورهيتن جي گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ

صالح پٽ ( ن ع آ ) صالح پٽ لڳ ڳوٺ ترور ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باگڙي برادري جي ڪکائن گهرن کي اچانڪ باهه وڪوڙي وئي  جنهن جي نتيجي  ۾ 6 پورهيتن مائي ستاري، مجنون، اجوبو، ببلو، لال چند ۽ سڪو باگڙي جا ڪکانوان گهر ۽ گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، زيور، اناج، لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثرين جو چوڻ هو ته باهه وسائيندي هڪ عورت ريما باگڙي سڙي زخمي ٿي پئي ۽ ٽن نياڻين جو ڏاج به سڙي رک ٿي ويو آهي جڏهن ته باهه ۾ 3 ٻڪريون به سڙي مري ويون، متاثرين وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.