لاڙڪاڻي ۾ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ 3 ڄڻا شهر جي ممتاز ڪالوني واسي زاهد ڪلهوڙو سندس ماسات شمن علي شيخ ۽ ٻئي موٽر سائيڪل تي سوار ٺوڦ چوسول واسي نوجوان سجاد جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا جن کي حد جي وليد ٿاڻي جي پوليس ۽ علائقي واسين؛ زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي نوجوان زاهد ڪلهوڙو جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان پنهنجي ماسات سان گڏ ڪنهن ڪم سانگهي ويل هو جتان واپسي تي سينٽرل جيل روڊ تي موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيا آهن جن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.