عوامي ليڊر سڏائڻ ۽ هئڻ ۾ فرق آهي

تحرير: سنڌيڪار: طفيل مگسي

”انگلينڊ جا سُوٽ ۽ اٽلي جا بوٽ پائي ڪري غريب جي ڳالهه ڪندو ته ڪو به اوهان تي اعتبار نه ڪندو“

جواهر لال نهرو جو بابا، موتي لال نهرو هڪ ڪامياب وڪيل، بزنس  مين ۽ سياستدان هو.جيڪو دهلي، الله آباد ۽ ڪلڪتا ۾ پريڪٽس ڪندو هو. 1990ع جي شروعات ۾ لکين رپيا ڪمائيندو هو. ھو ٻه ڀيرا آل انڊيا ڪانگريس جو صدر پڻ رهيو.

موتي لال نهرو صاحب پاڻ سياستدان هو.پر هو پنهنجي پٽ جواهر لال نهرو کي سياست کان پري رکڻ چاهيندو هو .هو صرف پٽ جي وڪيل ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو.ان کي جيل کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جواهر لال نهرو جي بابا  پنهنجي پٽ کي شاهي خاندان جيان پڙھايو.نوابن جهڙي پرورش ڪئي.ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ تعليم ڏياريائينس ۽ جڏھن هو بيرسٽر بڻجي ڪري هندستان واپس اچي ويو ته هن کي الله آباد ۾ بهترين ڪلائنٽس وٺي ڪري ڏنائين. پر جوهر لال نهرو ڪميونسٽ ذھنيت جو مالڪ هو.هن سياست ۾ اچي ڪري معاشري ۾ برابري ڪرڻ چاهي هئي. بابا گهڻو ئي سمجهائيس پر دال نه ڳري ته هن هڪ ڏينهن جوهر لال نهرو جي الماڙي کان سمورا قيمتي سوٽ.جوتا ۽ سگار ڪڍيا ۽ دوستن جي ٻارڙن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ ان جي جاءِ تي کانڌي جا ٻه پاجاما ۽ ٽي ڪرتا رکي ڇڏيائين ۽ ھٿ جي ٺھيل جتي رکي ڇڏيائين.

جواهر لال جي ڪمري کان سمورو فرنيچر به کڻايو ويو .فرشتي کهري قالين ۽ چادر وڇائي وئي ۽ خدمتگار کي حڪم ڏئي ڇڏيائين ته تون سڀاڻي کان صاحبزادي کي جيل جي ماني ڏيڻ شروع ڪري ڇڏ ۽ پٽ جي کيسي جو خرچ به بند ڪري ڇڏيائين. جواهر لال نهرو جڏھن پنهنجي ڪمري جو اهو حال ڏٺو ته رات جو بابا وٽ آيو .وڏو نهرو صاحب ان وقت اسٽڊي ۾ ٽالسٽاءِ جو ناول “وار اينڊ پيس“پڙھي رهيو هو.

پٽ پڇيس“تون مون کان ناراض آھين“موتي لال ڪتاب کان نظرون مٿي کنيون ۽ نرم آواز ۾ چيائين“مان توکان ناراض ٿيڻ وارو دنيا جو آخري شخص هوندس“ ننڍڙي نهرو پڇيس“پوءِ تو ايترو وڏو آپريشن ڇو ڪري ڇڏيو“

بابا پٽ کي چيو“پٽڙا جيڪو تو رستو چونڊيو آھي ان ۾ جيل.بک ۽ خواري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.مان چاهيان ٿو ته تون اڄ کان ئي انهن سمورين شين جي عادت وجهي ڇڏ.جيڪي ان رستي ۾توکي پيش اچڻ واريون آھن.

ٻيو ته غريبن وٽ اعتبار کانسواءِ ڪجهه به ناهي هوندو.ان ڪري اهي نهايت سوچي سمجهي ٻين تي اعتبار ڪن ٿا.تون جيڪڏھن عام ماڻھوءَ جي ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿو ته پوءِ توکي پاڻ به عام ماڻھو ٿيڻ گهرجي.تون انگريز جا سوٽ ۽ اٽلي جا بوٽ پائي ڪري غريب جي ڳالهه ڪندين ته توتي ڪو اعتبار نه ڪندو.مان نٿو چاهيان.دنيا منهنجي پٽ کي منافق سڏي.ان ڪري تون اڄ کان اهي ڪپڙا پائيندين جيڪي غريب پائين ٿا ۽ تون ايترائي پئسا خرچ ڪندين جيترا غريب جي کيسي ۾ ھوندا آھن“جواهر لال نهرو بابا جا هٿ چميا ۽ پوءِ مرڻ تائين کانڌي جا ڪپڙا ۽ ديسي جوتا پاتائين.۽ غريبن جهڙو ساڌڙو کاڌو کاڌائين.پر اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو الميو اهڙي ليڊرشپ جو فقدان آھي.سڄي دنيا ۾ ليڊرن جو تعلق عمومن وڏن گهرن سان هوندو آھي.اهي تعليم يافته به هوندا آھن.انهن جو گلوبل ايڪسپوزر هوندو آھي ۽ اندر کان رجيل پڻ ھوندا آھن.

پر اهي ماڻھو جڏھن سياست ۾َ اچن ٿا ته اهي سادگي ۽ غريب پروري جو تحفو ساڻ ڪري اچن ٿا.اهي عام ماڻھو جي ڳالهه نٿا ڪن.اهي عام ماڻھو ۾ ڏيک ڏين ٿا .پر اسان جي ملڪ ۾ ائين بلڪل ناهي.

ڪروڙن جي بنگلن ۾ رھڻ وارا ڪيترائي لک ماڻھوار پگهار ۽ دنيا سڄي جون سهوليتون وٺڻ وارا .ٻاھرين ملڪ وڏا گهر ۽ بينڪ بيلنس رکڻ وارا .جهاز ۽ ھيلي ڪاپٽرن کي گهٽيءَ جي موٽر سائيڪل جيان استعمال ڪرڻ وارو وزيراعظم هڪ غريب ملڪ جو اڳواڻ  ۽ رهبر نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن رهبر ۽ اڳواڻ وٺڻو آھي ته غريب عوام کان وٺو .جيڪو عام گهرن ۾ رهندڙ هجي.

جرمن چانسلر اينجيلا مرڪل جيان ٽن سوٽن۽ ھڪ ئي ڪوٽ سان گڏ پنج سالن واري اقتدار جو دور پورو ڪري .پر دنيا سڄي ۾َ ڪروڙين ئي ماڻھن کي پنهنجي ڪردار سان ئي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏي.۽ بارڪ اوباما جيان صدارت کان رٽائر ٿي ڪرائي جو گهر ڳوليندو رهي.پاڪستاني خاص طور کان غلاماڻي ذھنيت واري کان يا چورن.ڦورن ۽ لٽيرن کان چڱائي جي اميد رکڻ بلڪل بيوقوفي آھي.ڇاڪاڻ ته اسان جي قسمت ۾ ليڊر بلڪ ڌنڌي وارا ماڻھو اقتدار ۾ اچن ٿا.جيڪي اقتدار کي ڌنڌي جي نظر سان ئي ڏسن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.