سنڌ بار ڪائوسل جي سڏ تي 12 مئي 2007 واري واقعي خلاف سموري سنڌ جئيان نوابشاھ جي ماتحت عدالتن ۾ اڄ عدالتي ڪارواين جو بائي ڪاٽ ڪيو ويو
نوابشاھ جي وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار جي صدر چوڌري محمد علي آرائين جنرل سيڪريٽري علي رضا چنا علي حسن لنڊ رحيم لاشاري جي ايم خاصخيلي سائين بخش زرداري حاجي خان جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته 15 سال گذري ويا آهن پر اڃان تائين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا نه ڏني وئي آهي ـ
ياد رهي ته 12 مئي 2007 تي ڪراچي اندر دھشتگردن پاران خون جي راند کيڏي وئي جنهن ۾ وڪيلن سميت عام شھري به موت جي ور چڙھي ويا هئا ـ