سياسي تڪرارن لاءِ مذهب جو استعمال درست ناهي: جسٽس اطهر من الله

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته مذهب کي سياست ۾ استعمال نه ڪرڻ گھرجي، ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، تنهن ڪري رياست کي گھرجي سياسي قيادت کي ويهاري ۽ پاليسي جوڙي ته مذهب کي سياست ۾ ناهي آڻڻو، ڇو جو سياسي تڪرارن لاءِ مذهب جو استعمال درست ناهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي صه واقعي تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته سياسي قيادت ئي سوسائٽي ۾ تبديلي ۽ صبر آڻي سگھي ٿي، مذهب کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ پاڻ توهين مذهب آهي، 2018 ۾ به ائين ٿيو ۽ پهريون به ٿيندو رهيو آهي، هي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين مان هڪ آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هڪ پرڏيهي کي سيالڪوٽ ۾ ماريو ويو ۽ مشال خان واقعو به سامهون آهي، هتي جيڪي به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، انهن جي درست خبر نٿي پوي.

جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته مذهبي جذبن جو احترام آهي پر رياست جي به ذميواري آهي، مدينه منوره ۾ واقعو ٿيو، رياست جو  ڪم آهي يقيني بڻائي ته مذهبي استحصال نه ٿئي، هن ڪورٽ ۾ به اهڙيون درخواستون آيون، جن کي خارج ڪيو ويو، جيڪڏهن تاثر آهي ته هي سياسي طور تي ٿي رهيو آهي ته هي تاثر ختم ڪرڻ به رياست جو ڪم آهي، رياست ماضي ۾ مذهب جي بنياد تي ان طرح جون حرڪتون ڪيون آهن، ماڻهن جي زندگي کي خطري ۾ وڌو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مذهب کي سياست ۾ استعمال نه ڪرڻ گھرجي، ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، تنهن ڪري رياست کي گھرجي ته سياسي قيادت کي ويهاري ۽ پاليسي جوڙي  ته مذهب کي سياست ۾ نه آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته سياسي تڪرارن لاءِ مذهب جو استعمال درست ناهي.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته آئين پاڪستان ئي ماڻهن کي گڏ رکي سگھي ٿو، اسان آئين کي سپريم نٿا سمجهون، نه ته اڄ ملڪ ۾ هي حالتون نه هجن ها، ادارا به انهي آئين جا تابع آهن، سڀني کي آئين جي پاسداري ڪرڻ گھرجي، آئين تحت هر ادارو جوابده آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.