چئُه! جو توکي چوڻو آ……

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ/نوشھروفيروز 

انڊور گيمز جي بلڊنگ جي آفيس تان غيرقانوني قبضو ختم ڪرايو وڃي

اسپورٽس ڪمپليڪس نوشھروفيروز جي قيام جو 2009 ۾ گورنمينٽ مدرسه اينڊ ڪيمپس هاءِ اسڪول نوشھروفيروز جي گرائونڊ تي سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حڪومت سنڌ بنياد وڌو.ان وقت ان ڪمپليڪس جي رٿا لاءِ تقريبن 5 ڪروڙ روپيا مقرر ڪيا ويا هئا. جنهن ۾ انڊور ۽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي فوت بال گرائونڊ ۾ تبديل ڪري ڪم جي شروعات ڪئي وئي هئي

انهن پنج ڪروڙ روپين ۾ انڊور راندين جي بلڊنگ تيار ٿي وئي، باقي اسٽيڊيم ۽ فوٽ بال گرائونڊ مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ نه وري وزارت اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حڪومت سنڌ انهيءَ طرف ٻيهر اک کڻي  ڏٺو. جنهن جي نتيجي  ۾ انڊور گيمز جي مڪمل تيار بلڊنگ جا در ۽ دريون چوري ٿيڻ سان گڏ ان جي فائبر ڇت جا ڪجهه حصا سنڀال نه هئڻ ڪري شايد اڏامي ويا

پر اهڙي لاوارث  صورتحال کانپوءِ نوشھروفيروز جي نوجوانن کي انڊور گيمز جون سهولتون ميسر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اداري ڪوششون نه ورتيون. ماڳهين راندين کي شروع ڪرڻ جي بجاءِ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز انهيءَ انڊور گيمز جي بلڊنگ تي پنهنجي آفيس جو بورڊ لڳائي ناجائز ۽ غير اخلاقي طرح آفيس شفٽ ڪري اتي پنهنجي آفيس قائم ڪري ڇڏي آهي. جنهن سان نوشھروفيروز جي رانديگرن ۾ مايوسي ۽ حڪومتي ادارن جي قابليت تي سوال اٿاري رهيا آهن

اسين شهري، سنڌ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حڪومت سنڌ جي انهيءَ لاتعلقي ۽ سستي تي جواب گھرون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته انهيءَ ڄاڻايل انڊور گيمز جي بلڊنگ تان سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز جي آفيس جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائي راندين جي شعبي جي حوالي ڪري، گهربل ضروري مرمت ۽ ضروري سامان مهيا ڪري راندين کي هٿي وٺرائي نوشھروفيروز جي نوجوانن کي راندين جي ميدان اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ فوٽ بال اسٽيڊيم ۽ پويلين کي جلد از جلد مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن اسين توهان جا ٿورائتا رهون.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.