سنڌي وڏيري ۽ ڀوتار جي سياسي نفسيات

حسين آزاد

 هن دنيا ۾  انسان جي مادي ۽ شعوري حالت سڌرڻ سان گڏ انسان جي نفسيات به ترقي ڪندي رهي آھي  نفسيات جو علم اڄ ڪلھه اهم هجي ٿو سياست هجي يا سماجيت هجي يا ميڊيڪل سائنس هجي يا صنعت ۽ واپار  وغيره هجي پر هر شعبي ۾ ڪامياب انسان اهو آھي جنهن وٽ ٿورو گهڻو نفسيات جو  علم ھجي ٿو ڇاڪاڻ اڄ جي دور ۾ بهتر پروفيشنل ماڻھو اهو آھي جيڪو ڪنهن به فرد کي يا ماڻھن جي گروھ کي پنهنجي ڳالھه  مڃائي سگهي تنهنڪري مائل ڪرڻ ( موبلائيشن ) لاءِ  نفسياتي علم اڻ ٽر آھي۔ جنهن وٽ نفسيات جو علم جيترو وڌيڪ هوندو اهو اوترو  پنهنجي پنهنجي ڌنڌي  ۾ بهتر ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو جديد دور ۾ ته دنيا  جا  ملڪ جنگيون به نفسياتي طور وڙھي رهيا آھن ۔ مطلب ته انساني سوچ ۽ معاشرتي تبديلي لاءِ  نفسياتي علم هڪ طاقتور محرڪ جي حيثيت رکي ٿو  ۔

مونکي ڪجهھ  سنڌ جي حڪمران  ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي  نفسيات تي  ڳالهائڻو آھي جيڪا دراصل سماجي نفسيات آھي  جنهن تحت انسان جو معاشرتي سرشتي ۾ انسان جو انسان سان لڳ لاڳاپو تعلق ۽ واسطو هوندو جنهن ۾ انسانن جي گروهي زندگي انفرادي زندگي رويا لاڙا رسمون   عادتون شوق سياسي توڙي سماجي سرگرميون  فيشن ۽ انساني ذھن تي اثرانداز  ٿيندڙ لقائن کي سمجهڻ جو علم چيو وڃي ٿو ۔ ڀوتار يا وڏيرو هڪ فرد جي نالي کان وڌيڪ هڪ  سوچ  ۽ نفسيات جو نالو آھي  اڪثر چيو ويندو آهي  ته جيئن پنج آڱريون برابر نه آھن تيئن  سڀ نواب جاگيردار وڏيرا ۽ ڀوتار هڪ جهڙي سوچ جابه نه آھن، هوندا پر حقيقت اها آھي ته جنهن به انسان کي قبيلائي  جاگيرادري   ۽ وڏيڪي نظام ۾ کيس پنهنجي قبيلي برداري ۽ راڄ جو  وڏيرو سردار يا علائقي جي  مختلف برادرين جي سياسي  سماجي  حيثيت ۾ چڱ مڙسي جو موروثي پٽڪو ٻڌندڙن ۾ نفسياتي سوچ ھڪجهڙي ڏٺي وئي آھي  جنهن ۾ بنيادي سوچ ٻين انسانن تي پنهنجو غلبو رکڻ ۽ کين پنهنجي خواهش جو غلام رکڻ اهم  آھي ان غلبي کي قائم رکڻ لاءِ  اهي سرڪار جي ڪڇ ۽ سهارو وٺندا آھن سندن حڪم کان سواءِ عوامي ادارن ۾  عام ماڻھو جو ڪم ٿيڻ محال هوندو آھي ۔سندن ڪوشش رهندي آھي سرڪاري ۽ ڪاموري آفيسن تي سندن پورو قبضو هجي ته جيئن عام ماڻھن ۾  پاڻ  کي ھڪ طاقتور قوت وارو تصور قائم رکي سگهن ۔۽ عام ماڻھن جا ڪمن ڪرائڻ وارو سهرو خود کڻن ۔ سندن سماج ۾ منفي سوچ جي ته ڊگهي لسٽ آھي پر هو تعليم دشمن ۽ عوامي شعور کان ڇرڪندا گهڻا آھن تنهنڪري تعليمي ادارن ۽ انقلابي مدرسن تي سندن ڪاوڙ گهڻي هوندي آھي  انهن ادارن کي تباھ ڪرڻ ۾ سندن عملي ڪم گهڻو آھي  .

آس ۔پاس جي ماڻھن. پنهنجي قبيلي راڄ ڀاڳ يا پوري  سماج  کان هو  صرف پنهنجي ۽ سندن خاندان جي  معتبري ، عزت شان شوڪت  جي پرستش ڪرڻ  جي تمنا رکندا آھن  ۔ ڇاڪاڻ ته  سندن اثر هيٺ علائقائي  راڄ ڀاڳ ۾ سادن  انسانن طرفان صدين کان   سندن  وڏڙن جي حڪم جي تابيعداري  ۽ مان مرتبو جا گيت ٻڌندي هنن جو ڪنڌ  تڪبر کان مٿي ٿي وڃي ٿو  ته واقعي فطرت طرفان ھنن کي اتم  ۽ اعلان ڪري پيدا ڪيو ويو آھي  هو سمجهن ٿا  ته عام ماڻھن تي سندن غلامي ڪرڻ ۽ هر حڪم مڃڻ  فرض آھي جيڪڏهن ڪير به انهن جي حڪمن ۽ فيصلن جي انحرافي ڪري ٿو  ته هو سندن شان ۽ مان ۾  اهڙي گستاخي ڪرڻ وارو سند هٿان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سزا ڀوڳي ٿو ۔  ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي  نفسيات  جو لاڙو   سوسائيٽي ۾  ڪجهھ انهن ماڻھن   ۾ به ڏٺو ويو آھي جيڪي ڀوتار ۽ وڏيري نه به هوندا آھن  پر سندن  رويا  ۽ زندگي گذارڻ وارو اسٽائيل وڏيرن جهڙو هوندو اٿن

مطلب ته سندن روين ۽ ڪردار جو جي ڇيد ڪبو ته هو هوبهو وڏيري جو ماڊل ڏسڻ ۾ اچن ٿا سندن ڳالهائڻ جو اسٽائيل پروٽوڪول ۾ هلڻ جي خواهش هر وقت آڪڙ ۽ مٿڀرائو ڪنڌ ڪري هلڻ سٺين گاڏين ۾ ھلڻ پنهنجي ڳالھه  مڃرائڻ لاءِ  ضد  ڪرڻ ٻئي ماڻھو کي حقير سمجهڻ انائن جي  غلامي  ۽ عادتن توڙي رواجن رسمن ۾ هو وڏيرا ئي نظر ايندا   تهنڪري  اهيو چيو ويندو آھي ته ڀوتاڪي ۽ وڏيرڪي  هڪ نفسيات جو نالو  آھي جنهن روش کي اپنائڻ سان ماڻھو پاڻ کي ٻين تي رعب ڄمائڻ ۾ ۽ ٻين کان عزت وٺڻ لاءِ  هڪ حربو ۔سمجهن ٿا جنهن سان سندن اناپرستي جي تسڪين ٿئي ٿي ۽ اهي ڇوٽون وڏيرو جو درجو به حاصل ڪري وٺن ٿا ۔ انهن ڇوٽون وڏيرن جو  سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ وڏي وڏيري يا  ڀوتار سان لاڳاپو وڌيڪ رهي ٿو جنهن ڪري هو پنهنجي ذات ۽ برادري توڙي قبيلي کي مٺ هيٺ ۽ زير  ڪرڻ لاءِ  ۔وڏي ڀوتار کان سپورٽ ۽ اختيار حاصل ڪري وٺندا آھن نتيجي پنهنجي ڳوٺاڻن تي ظلم  جبر ڪري کين  هيسائي وڏي وڏيري ۽ سرڪاري مشنري جي غلط استعمال جا ڊپ  ڏئي ڀوتار جو غلام ۽ ووٽن ۾ ان جو زبردستي حمايتي بنائين ٿا ان بدلي ۾ وڏو ڀوتار کين ذاتي فائدا ۽ مراعتون ڏي ٿو ۔ انهي سوچ جي غلبي ۽ مفاد ڪري  اڄ جي جديد دور ۾ به اسان جي سنڌي سماج ۾ جاگيرداري قبائلي نظام نه صرف هلي پيو پر پنهنجون پاڙو پختيون ڪرڻ ۾ ڪوشان آھي.

وڏيرن، سردار، جاگيردارن جو خارجي روپ نمائشي هوندو آھن هو جت به ويندو آھي اتي ڪوشش ڪندو آھي ته ماڻھن جي ميڙ کي متاثر ڪري ان تحت سرڪاري مشنيري کان ويندي سندس ذاتي ڪمدارن ۽ خاص سندس ماڻھن کي استعمال ڪندو آھي جيڪي خاص ڪري سندن صفتون بيان ڪندا ۽ ماڻھن کي ڏجاريندا آھن هو وڌ کان وڌ زمين ۽ ٻيون شيون خريد ڪندا رهن ٿا جنهن سان هو سندن ايندڙ نسل کي اقتداري مسند تي پهچائڻ ۽ کين دولت  جي بنياد تحت ٻين عام ماڻھن کان برتري وارو احساس ڏيارين ٿا ۔  جاگيردار  سردار ۽ ڀوتار  کي سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل شعور مان خطرو محسوس ٿيندو آھي ته اهي پاڻ ۾  ڪجهھ روين جي تبديلي آڻيندا آھن ۽ عوام ڏانهن رخ ڪري سندن مئلن جون فاتاحون، جنازن  کي ڪلهو ڏيڻ   ۽ شادين ۾ شريڪ ٿيڻ وارو ڌنڌو شروع ڪندا آھن  انهي ۾ اهي عوام  جو هڏ ڏوکي ۽ عوام سان ملڻ سازي  وارو منافق  روپ ڌاري پاڻ  کي نام نهاد  عوامي ليڊر بڻائڻ جي ڪوش ڪندا آھن  ۔  ان  کان سواءِ غلط پروپگنڊا هٿرادي ليڊرشپ دولت ، ملڪيت جاگيرداري جي ڪشش ھٿان ماڻھن  مٿان رعب  دٻدٻو ويهارڻ لاءِ  لباس مهانگين  گاڏين ۾ هلڻ چورن ڌاڙيلن جي لوڌ رکڻ پروٽوڪل وٺي هلڻ  ۾  جوان مردگي ظاهر ڪرڻ جهڙا نفسياتي  هربا استعمال ڪن ٿا ۔ اهي  هربا صرف ان لاءِ  ڪن ٿا ته جيئن عوام مٿان سندن خوف ڊپ وارو  سحر غالب  هجي ته جيئن اليڪشنن ۾ ڪوڙن ٺپن توڙي عوام کان دٻائي ووٽ وٺي سگهجي .

ايئن  جمهوري سياست جا علمبردار ٿيو سنڌي قوم کي تباھ ڪريو ويٺا هجن    اهي سڀ خرمستيون  هو سنڌي سماج  جي مجموعي لا علمي عدم تحفظ جي احساس جهڙي  نفسياتي ڪمزوري ۽ سماجي منفي لاڙن  مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آھن  وڏيرو سردار ۽ ڀوتار سندن ابن ڏاڏن جي ذاتي شوقن عادتن رسمن رواجن ۽ فرسوده نظرين کي سنڌ جي ثقافت طور به متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن جن ۾ خصوصن عورت جي ڪاروڪاري رسم ۽ ڪوڙي غيرت جي نالي تي سڱ چٽيون ۽  پراڻين روايتن موجب سندن اوطاقن تي فيصلا صادر ڪرڻ  ۔   سندن ڪردار جديد دور ۾ به سنڌ تي هڪ داغ بڻيل آھي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.