سوشل ميڊيا ڪارنر

سنڌو درياهه جو سفير جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو

اسان سنڌو درياهه جو سفير جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي تسليم ڪريون ٿا . جونيئر ذوالفقار ڀٽو پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ انهن گهرائي سان سنڌو جي مٿين ۽ هيٺين حِصي کي خوبصورتي سان هاءِ لائيٽ ڪيو آهي .”لکي ٿو ته ٻئي فوٽو سنڌودرياهه جا ۽ خشڪ موسم/سيزن جا آهن پهريون فوٽو اپ اسٽريم تونسه پنجاب جو آهي ۽ ٻيو فوٽو سيوهڻ جو 600 ڪلوميٽر هيٺ ڊائون اسٽريم جو آهي . پهرين فوٽو ۾ سنڌو درياهه جي ويڪر ڏيڍ ٻه ڪلوميٽر آهي جتي درياهه 30 فٽ هيٺ گهرو آهي ۽ ٻي فوٽو ۾ ساڳيو سنڌودرياهه 50 يا وڌ ۾ وڌ 100 ميٽر ويڪرو ۽ صرف 6 فٽ گهرو آهي .“ سنڌو درياهه جي موجوده صورتحال جي بهترين عڪاسي لاءِ هي ٽوئيٽ هڪ مثال آهي ۽ سنڌ سان ۽ سنڌودرياهه سان جونيئر جي لازوال محبت جو چٽو مثال آهي . هي ٽوئيٽ سنڌي ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي . پاڻي آهي پر وراثت بهتر ناهي . هي ٽوئيٽ سنڌ جو طاقتور ڪيس پڻ آهي ۽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ذهانت جو واضع نشان به . سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ دعاگو ته الله پاڪ سندس جي دل ۾ ڌرتي جي محبت پيدا ڪري ۽ سندس کي سلامت رکي . بهرحال هي ذهين انسان فقير منش انسان عام ماڻهو نه پر هيرو آهي جنهن جي پنهنجي دنيا آهي پر کيس اسين "سنڌودرياهه جو سفير” سڏيون ٿا .

جاويد حالتي جي پوسٽ

پاڻي جي کوٽ واري مسئلي لاءِ  استحصال ڪندڙ قوتن خلاف تحرڪ جي ضرورت

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي سنڌ تي حڪومت ڪندڙ حڪمرانن ۾ ڪيتري قومي غيرت ۽ قوم جي هارين ۽ آبادگارن جو هنن کي ڪيترو احساس آهي اها ته پاڻي کي سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي. ٻئي پاسي پاڪستاني قومپرست اليڪشني اتحاد ٺاهڻ هڪڙي جهنڊي لاءِ مٿو ماري ڪرڻ ۽ سيٽون کٽڻ لاءِ جوڙ توڙ ۾ مصروف آهن، ٽيئن پاسي قومي تحريڪ جي قيادت جڙتو ڪيسن جي ڀر مار جي ڪري جيلن ۾ بند آهن ته ٻيا وري ضمانتون ڪرائڻ ۾ سُڪ لڳا پيا آهن قومي ڪارڪنن خلاف به رياستي آپريشن جي ذريعي رڻ ٻريل آهي. ته پوءِ آخر هن سموري صورتحال ۾ سنڌ لاءِ پاڻي جهڙي زندگي ۽ موت مثل سنجيده ۽ اهم ترين مسئلي تي پنجاب ۽ سنڌ جو بدترين استحصال ڪندڙ قوتن خلاف ڪهڙي پليٽ فارم تان تحريڪ هلائي سگهجي ٿي ۽ ڪنهن جي قيادت ۾ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي.

سوشل ميڊيا پوسٽ

آمريڪا جي صدارتي محل تي وائيٽ ھائوس جو نالو ڪيئن پيو

آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاڙيسري ملڪ آھن جيڪي موجودھ ڏينھن ۾ سٺن لاڳاپن سان رھن ٿا. پر ماضي ۾ ھنن ملڪن جي ماڻھن ۽ حڪومتن ۾ ڪافي ڇڪتاڻ رھي. ڪيترا ڀيرا لڙايون لڳيون. ھڪ لڙائي ۾ آمريڪا جي فوجن ٽورونٽو ۾ اچي ھتي جي پارليامينٽ کي تباھ ڪيو ۽ ٻيو ڪيترو نقصان ڪيوھو.

تنھن جي بدلي ۾ ڪئناڊا جي فوجن به آمريڪا تي چڙھائي ڪئي ۽ صدارتي ھائوس کي باھ ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. اھو تباھ ته ڪونه ڪري سگھيا پر ان جي ٻاھرين حصي کي باھ لڳڻ سبب ڪافي نقصان ٿيو ۽ سندس ڀتيون خراب ٿي ويون.آمريڪا جي حڪومت ان کي جلد اڇو رنگ ڪرائي ان جي ڏيک کي بحال ۽ بھتر ڪيو ھو.

اڇي رنگ لڳڻ ڪري ماڻھون کيس وائيٽ ھائوس چوڻ لڳا جيڪو نالو پوءِ مٿس پڪو ٿي ويو. پر نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالهھ اھا آھي ته ھي نالو ٻن ملڪن جي لڙائي جي نتيجي ۾ پيو ھو ۽ ان لڙائي جي يادگار ۽ نشاني آھي..

خير محمد ڪولاچي جي پوسٽ

سنڌ کي تباهي کان بچايو

اسان ھڪ  اھڙي  ملڪ ۾ رھون ٿا جتي 130رپيا ڪلو چانور ملن ٿا ‘ھتي مفت ۾ موبائل سم ملندي آهي، ھتي ايمبولينس کان پھريان  جلدي ۾ پيزا وارو پھچي ويندو آهي ، ھتي ڪار وٺڻ لاءِ جلدي ۾ قرض ملي ويندو آهي پر تعليم جي خرچ لاءِ ڪجهه به نه ملندو آهي، ھتي سبزيون گندي فرش تي ۽ جوتا  شيشن ۾ رکيا ويندا آهن ،

ھتي پڙهيل لکيل بي روزگار ۽ اڻ پڙهيل ايم اين اي ايم پي اي ھوندا آهن، ھتي غريب عورتن جي ڊليوري ويم گهر بجاءِ چنگچي رڪشا  ۾ ٿيندي آهن، ھتي غريب جي ڪمائي امير کائيندو آهي ۽ غريب بکن ۾ وقت گذاريندو آهي،

ھتي جديد دور ۾ به قديم دور جا طريقا رائج ڪيا ويندا آهن   جتي قاتل بھادر ، ڪرپٽ معتبر مڃيان وڃن ٿا، اھا اسان جي سنڌ سونھاري آهي، سنڌ کي تباهي کان بچايو، ھمٿ ڪريو ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو.

سوشل ميڊيا پوسٽ

نارو ٺري ميرواهه روڊ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش ڪرڻي پوندي

نارو ٺري ميرواهه روڊ جي لاءِ ڪوشش سڀني کي گڏجي ڪرڻي پوندي نه ته ڪجهه ڪونه ٿيندو.

عبدالسلام جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.