خودڪشيون ۾ جديد سامراجي نظام جو ڪردار

نثار لغاري

اهي سماج جيڪي ڪن ٻين ٻاهرين حملي آور طاقتور ملڪن سماجن جا مفتوح ٿي ويندا آھن انهن کي غلام بيٺڪيتي ملڪ يا جديد بيٺڪيتي ملڪ چيو ويندو آھي  غلام سماجن ۾ مسلسل جھيڙا ٿوري ڳالهه تان قتل قبائلي تڪرار ٿيندا آھن ۽ خودڪشين جا واقعا به ٿيندا آھن جيڪي دراصل ردعمل هوندو آھي شديد غلامي ۽ استحصال جو غلامي ۽ مسلسل جبر خلاف تنگ ٿي پوڻ ڪري ماڻھو پنهجي ٻارن زال کي به قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن اوم پوري جي هڪ فلم ۾ جڏھن جاگيردار کيس هاري طور قتل ڪرڻ لاءِ ڪوٺي ۾ بند ڪندو آھي ته هو رات جو ڪنهن طريقي نڪري زال ۽ ٻارن کي قتل ڪري واپس ايندو آھي هو چاهيندو آھي ته منهجو خاندان وڌيڪ ذلتن ۾ ايندو انڪري کين ختم ڪري ڇڏيان، هتي سانگهڙ ۾ به هڪ ميگهواڙ عورت مسلسل بک تي رهڻ کان پوءِ  پنهنجي ٽن ٻارن سميت ڪجهه سال اڳ خودڪشي ڪئي هئي

حڪمران طبقن جيان اسان جون عوامي سياسي قوتون به خودڪشي بابت عوام کان پري بيٺيون آھن افسوس جو مقام آھي  سماج ۾ ڪنهن به وڏي واقعي جي پويان ڪيترائي عنصر هوندا آھن پرهتي اسان جي خطي ۾ ڪالونيل نظام جو وڏو ڪردار آھي جڏھن غلامي عزت نفس جي خاتمي جي حدتائين پهتي هجي غربت جي ذلت سبب زندگي کان موت بهتر لڳي تڏھن خودڪشي ڪو انفرادي عمل ناهي رهندو  هتي روزانو وڌندڙ خودڪشي جا واقعا به هاڻ وڌيڪ غور جا گهرجائو آھن هتي اڪثرانسانن جي زندگي بدتر بنائي وئي آھي  انڪري خوش رهڻ مشڪل ٿي چڪو آھيبک بدحالي ۾ خوش نٿو  رهي سگهجي ۽ اها ڪيفيت تمام گهڻو عرصو هلي  ته اها ڪن به سماجن لاءِ  خطرناڪ هوندي آھي  ويڳاڻپ جو سبب بڻجي ٿو جڏھن استحصال ۽ ظلم وڌي چڪو هجي عزت نفس مجروح ٿي سن ٿي چڪي هجيهتي اسان اڃا پختا آھيون پر آفريڪا ۾ ھزار ماڻھو گڏجي خودڪشيون ڪندا آھن

نالي واري فرينچ ليکڪ فرانزز فينن جي هن حوالي سان باقاعدا ٿيسس آھي هو چوي ٿو ته بيٺڪيتي جابر ظالم استحصالي نظام سماجن جو روح به دولت ۽ وسيلن سان گڏ روڙي وٺي ٿو فينن جو هڪ ڪتاب مٽي هاڻا ماڻھو لکيل آھي جيڪو نالي واري ليکڪ ۽ اڳواڻ عبدالواحد آريسر ترجمو ڪيو آھي  شاهڪار ڪتاب آھي اردو ۾ ڪتاب جو نالو افتادگان خاڪ آھي  سنڌ ۽ هن خطي جو سماج جيڪامهانگائي غربت افلاس موجودا دور ۾ ڏسي رهيو آھي اهڙي ڪڏھن به نه هئي ماڻھو بک سبب پنهنجا ٻچا وڪڻي رهيا آھن کين ٻچا وات ۾ آھن پر ڪو حاڪم حڪمران طبقي جي جماعت ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ  تيار نه آھي خودڪشي جي عام اهم سببن تي نظر وجهجي ته اهي هن ريت آھن غربت بک بدحالي محبت ۾ ناڪامي مايوسي  ذھني بيماري ڪاوڙ ۽ ٻين مختلف جذبن جي شدت پسند جي شادي نه ٿيڻ  خطرناڪ بيماري ٿيڻ اچانڪ ڪنهن پياري جو وڇڙي وڃڻ  اڪيلائپ يا تنهائي مطالبو پورو نه ٿيڻ خرچي نه ملڻ جنسي زيادتي جو شڪار ٿيڻ شديد تشدد جي هيٺ رهڻ ذھني ٽارچر جو شڪار ٿيڻ  ۽ ٻيا سبب آھن جيڪي سماجي معاشي ناانصافين جي ڪري جنم وٺن ٿا ماڻھو جڏھن اهي سبب ڄاڻي نه سگهندا  آهن تڏھن به انتهائي قدم کڻندا آھن  جيڪو انهن جي اڻ ڄاڻائي جي ڪري به هوندو آھي

اسان وٽ جاگيرداري قدر هجڻ سماج جو جمود جو شڪار ٿي وڃڻ سوشل ميڊيا جو ڦھلاءُ نوجوانن لاءِ  تخليق علم جا نوان رستا نه هجڻ لائبريرين جو نه هجڻ ڄڻ ماڻھو کي بي روح ڪري ڇڏيندو آھي ماڻھو جڏھن خوش نه رهي اداس ٿي وڃي تڏھن به سندس شخصيت اندران ٽٽڻ لڳندي آھي ۽ نتيجي ۾ ھو انتهائي قدم کڻندو آھي ڪاري سائي ايڊز ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ڪري ماڻھو مکين جيان مري رهيا آھن حڪمران طبقن کي ڪو قياس ته پري پرواهه به نه آھي

مهانگائي هن وقت شديد ٿي رهي آھي سماجي افراتفري آھي سياست کي دوکو بڻايو ويو آھي تبديلي جي نالي تي وڏي ٺڳي ۽ فراڊ ھلي رهيو آھي مذھب انسانيت ۽ انقلاب جي مقدس نعرن کي عوام جي ٺڳڻ لاءِ  استعمال ڪيو پيو وڃي عالم فاضل ڏاها ۽ دانشور دولت جا پوجاري هجن ته پوءِ  ماڻھن وٽ شديد مايوسي کان سواءِ ڇابچندو آھي انهي سموري ٽڪساٺ کي ٽوڙڻ جي ضرورت آھي غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي نئين بهتر سماج قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي انصاف سچ سونهن پيار ڀريي سماج ۾ ماڻهو خودڪشي ڇو ڪندو جڏھن کيس خبر پوندي ته زندگي خوبصورت ترين شئي وٿ آھي اها ڪو ڇو وڃائڻ چاهيندوسماج ۾ فرد ناانصافي جو اڪيلائي ۽ پوءِ  ويڳاڻپ جو شڪار نه ڪيو وڃي ته هو خوبصورت زندگي کي ڇو ختم ڪندو جيڪڏھن هو دنيا جي سماجن جون تحريڪون مسئلا ادب سماجيت اٿل پٿل بابت آگاهه ٿيندو ته پوءِ  ھو زندگي کي سمجهڻ ۽ ان سان پيار ڪرڻ لڳندو هن وقت سماج ۾ عوامي مزاحمتي تحريڪون ڪمزور آھن ان ڪري به مايوسي آھي پر جمود جو عرصو هاڻ ختم ٿيڻ تي آھي انڪري جيڪڏھن مزاحمت ۽ بهتر زندگي جو خواب ڪنهن انسان کي ڏيکارجي ته وري اتساهه حسناڪي ۽ زندگي جي امنگ پيدا ٿي ويندي اسان جي سماج جي باشعور ماڻھن کي خودڪشي خلاف باقاعدا جدوجهد ڪرڻي پوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.