بلڙي شاهه ڪريم ۾ پاڻي جي اڻاٺ، آبادگارن جو سڪل ڪمند کڻي ڌرڻو

بُلڙي شاھه ڪريم (رپورٽ: احسان علي انصاري) بُلڙي شاھه ڪريم ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ خلاف رند قومي اتحاد جي نائب صدر زاھد خان رند جاويد رند. ايس ٽي پي اڳواڻ سليم ميمڻ حاجي اسماعيل ميمڻ. حاجي خان محمد لاشاري. حاجي تاج محمد لاشاري ۽ ٻين سوين آبادگارن پاران ھٿن ۾ سڪل ڪمند جا فصل کڻي صبح ڏھين وڳي پريس ڪلب بلڙي شاهه ڪريم کان ريلي ڪڍي شهيد بلو پنھور چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي سوين گاڏين جي روانگي معطل روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳل. پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سب ڊويزن گاجاواھ مان نڪرندڙ کرياڙي شاخ ڍٽ شاخ شورڪي جي منڊ کان زرداريءَ گينگ جا ماڻھو وڏيون لفٽ مشينون رکي ۽ واٽر جا منھن وڏا ڪري اسان پوڇڙيءَ واري سموري آبادگارن جو حصي جو پاڻي چوري ڪري اسان کي تباھ ڪري رھيا آھن ھن زرداريءَ گينگ جو مقصد اھو آهي ته ھتي جي آبادگارن کي تباھ ڪري اسان ھنن جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي خريد ڪيون . اسان ھتي جي چونڊيل نمائيندن ايريگيشن کاتي جي ذميوار آفيسرن کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر کيس زرداري گينگ آڏو سڀ بيوس بڻيل آهن. ھنن چيو ته پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري اسان جا زمين ۾ موجود فصل سڪي ٺوٺ بڻجي ويا آهن اسان پنھنجا بيٺل فصل پاڻيءَ نہ ھجڻ ڪري وڍي چوپائي مال کي کارائي ڇڏيا آهن. اسان جي ٻچڙن جو پيٽ گذر بسر سڀ زرعي آباديءَ تي آھي اگر اسان جي زراعت کي تباھ ڪيو ويو آهي ته ھاڻي چپ اسان به نه ويھنداسين. جڏھن ته مظاهرين پاران تيز گرميءَ ۾ به چار ڪلاڪ ڌرڻو جاري رکيو ويو گرميءَ جي شدت ڪري ھڪ پيرسن پڻ بيھوش ٿي ويو جڏھن ته چار ڪلاڪ گذرڻ باوجود به تڪ جو چونڊيل نمائيندو توڙي ايريگيشن کاتي جو ذميوار آفيسر مظاھرين وٽ نه پھتو جنھن کانپوءِ بُلڙي شاھ ڪريم جي ڊي ايس پي سيد مجاھد علي شاهه مظاهري جي اڳواڻ زاھد خان رند وٽ پھچي کيس ڳالهيون ڪيون خاطريءَ کانپوءِ روڊ کولي ٽريفڪ بحال ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.