احسن آباد واسي نينگر 4 ڏينهن کان گم، وارث پريشان

گلشن اقبال (ن ع آ)احسن آباد واسي 14 سالن جو عطا بلوچ ولد حڪيم بلوچ چئن ڏينهن کان لاپتا ٿي ويو آهي جنهن جو اطلاع سپر سائيٽ  ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي نوجوان جي گمشدگي سبب  سندس والدين ۽ ٻيا مائٽ سخت پريشان آهن گم ٿيل نوجوان جي پيءُ جو حڪيم بلوچ چيو ته منهنجو پٽ سادو ۽ اٻوجهه آهي چئن ڏهاڙن کان گم ٿي ويو آهي ڳولا باوجود ڪو به ڏس پتو معلوم نه ٿي سگهيو آهي پٽ جي گمشدگي جو سپر سائيٽ ٿاڻي تي 15 تي اطلاع پڻ ڏنو آهي وس وارن کي اپيل آهي ته گم ٿيل پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي يا جيڪڏهن ڪنهن کي به هٿ اچي ته سپر سائيٽ ٿاڻي تي اطلاع ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.