سيٺارجا ڀرسان عورت تي حملو، تشدد، اک ضايع ٿيڻ جو خدشو

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ حامد ڪٻر ۾ پير عورت سنگهار زال گلڻ ڪٻر مٿان زبردستي گهر ۾ داخل ٿي ٽن جوابدارن نظير عرف  بشير, شمن ۽ نظير ڪٻر لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ پيرسن عورت جي کاٻي پاسي واري اک ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ضايع ٿيڻ جو خدشو ٿي پيو متاثر عورت احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳوٺ لاء ڏمر پيدا ٿيل ٽن ڀائرن مونکي اڪيلو ڏسي گهر ۾ لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن تي مون دانهون ڪيون ۽ پاڙي وارن اچي بچايو جنهن ۾ منهنجي کاٻي اک ضايع ٿي وئي آهي هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين پوليس هنن کي گرفتار ناهي ڪيو هن ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.