حيدرآباد ۾ قبضا مافيا ۽ هٽڙي پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي پاران اعلانيل قبضا گروپ ۽ هٽڙي پوليس خلاف احتجاجي مارچ جي سلسلي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ايس ايس پي آفيس سامهون  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين واڻڪي وسي ۾ پورهيت جي زمين تي قبضي ۽ پوليس پاران ناحق گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عاليه بخشل ٿلهو، لطيف لغاري، غفرانه آرائين، بخشل ٿلهو، لالا حليم شيخ، امتياز مسيح چيو ته حيدرآباد جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ سياسي پٺڀرائي ۽ پوليس جي سرپرستي هيٺ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي زمينن تي قبضن جو سلسلو هلندڙ آهي، تازو ئي پاڻ کي ڳجهن ادارن جو آفيسر سڏائيندڙ شخص پنهنجن ماڻهن ذريعي پورهيت محمد حسن جنجهه سميت هاري اڳواڻ مظفر لغاري مٿان  ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ٿاڻي اندر وحشياڻو تشدد ڪرايو. هنن چيو ته اڪرام شاهه واڻڪي وسي ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري زمينن تي قبضن واري معاملن ۾ ملوث رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پورهيت محمد حسن جنجهه تي داخل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪندڙ هٽڙي پوليس جي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري شريف ڳوٺاڻن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.