رتوديرو لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ، شاگردن جو احتجاج

رتوديرو   ( ن ع آ ) رتوديرو شهر جي شاهه لطيف پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي اڻاٺ هجڻ سبب لائبرري ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن پاران رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي حسنين لڪ ، طاهر چانڊيو ، عبدالرحمٰن سومرو ، محمد علي، عبدالرحيم ، طالب ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته شاهه لطيف لائبرري شهر جي واحد لائبرري آهي جتي شهري ۽ شاگرد پڙهڻ لاءِ اچن ٿا پر لائبرري ۾ انهن جي لاءِ ڪا به سهولت نه آهي هنن چيو ته 300 کان مٿي شاگرد هتي روز اچن ٿا جن ۾ 30 کان مٿي شاگرد سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ لاءِ ايندا آهن پر لائبرري ۾ ڪا به سهولت ميسر نه آهي هنن چيو ته لائبرري ۾ نه نيٽ جي سهولت آهي ۽ نه ئي وري پيئڻ لاءِ مٺي پاڻي جي پاڻي پيئڻ لاءِ به شاگردن کي بي هنڌ وڃڻو پوي ٿو جنهن سبب پڙهائي ۾ سخت رنڊڪون پئجي رهيون آهن ان کان علاوه هتي پڙهائي ڪرڻ وارن لاءِ به اي سي جي ڪا سهولت نه آهي هنن چيو ته اي سيون ته لائبرري ۾ لڳل آهن پر اهي هلايون نه ٿيون وڃن لائبرري جو انچارج ۽ ملازم پنهنجن آفيسن ۾ اي سيون استعمال ڪري رهيا آهن باقي ٻين کي ڪا به سهولت نه ٿي ڏني وڃي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان ٽن ورهين کان دانهون ڪري رهيا آهيون پر اسان جون دانهون ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه وري سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا پيا وڃن لائبرري انچارچ رڳو مسئلا حل ڪرڻ جا خالي آسرا ڏئي رهيو آهي هنن وزير ثقافت ، ڊي جي ثقافت ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته لائبرري ۾ سهولتون ڏئي شاگردن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.