يمنيٰ زيدي جي عربي سپر هيرو فلم جو ٽريلر جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي باصلاحيت اداڪارا يمنيٰ زيدي عربي فلم ۾ بهترين اداڪاري ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.

پنهنجي معصوميت سبب مداحن جي دلين ۾ گهر ڪندڙ من موهڻي اداڪارا يمنيٰ زيدي عربي سپر هيرو فلم ”ڪرسٽار اور نائيٽ اسٽالين“ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي.

رپورٽ موجب يوٽيوب تي گذريل ڏينهن ان فلم جو ٽريلر رليز ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني اداڪارا يمنيٰ زيدي به پنهنجا جوهر ڏيکاريندي نظر آئي.

پروڊڪشن هائوس ايڪزوڊس پڪچرز جي بئنر هيٺ اجمل ظهير احمد جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم کي يوٽيوب تي شيئر ڪندي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته فلم اڃا شوٽنگ جي مرحلي ۾ آهي، جيڪا جلد مڪمل ڪئي ويندي.

فلم جي ٽريلر ۾ يمنيٰ زيدي جي ٻه ڀيرا جهلڪ ڏيکاري وئي، جنهن مان خبر پئي ٿي ته اداڪارا فلم جو هڪ اهم حصو ثابت ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.