مريم نواز کي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب گھر وزارت ۾ ٿريٽ اسسمنٽ ڪميٽي جي سفارش تي مريم نواز کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي پوليس جي سيڪيورٽي سان گڏ رينجرز اهلڪارن جي سيڪيورٽي به ڏني ويندي، هن کي اسلام آباد ۾ وفاقي پوليس ۽ رينجرز جي سيڪيورٽي هر وقت حاصل هوندي.

ذريعن موجب مريم نواز کي ٻين صوبن جي ضلعن ۾ لاڳاپيل پوليس جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته کيس رهائشگاهه تي به سيڪيورٽي ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.