نور عالم پاران ٻٽي شهريت رکندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر نور عالم خان ٻٽي شهريت رکندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي نور عالم خان چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ واري بل جي حمايت نه ڪندس، هن چيو ته ٻٽي شهريت وارن کي ووٽ  جو حق ڏيڻ جا اهي حامي آهن جيڪي ليڊرن کي چندو ڏيندا آهن. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم تارڙ چيو ته هي بل چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، جنهن بعد اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ وارو بل ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.