ڪوٽ غلام محمد لڳ فائرنگ، پيءُ قتل، پٽ زخمي

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:الھداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڏھون ميل شھر جي ڳوٺ حبيب الله خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سگاوتي تڪرار تان جھيڙي سبب ھڪ ڌر جا ماڻهو دڪان تي ويٺل پيءَ پٽ مٿان رپيٽر جا فائر ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾حبيب الله خاصخيلي ۽ سندس پٽ وسيم خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڏھون ميل پوليس کڻائي تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد پھچايو، جتان کين حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته ھڪ زخمي حبيب الله خاصخيلي زخمن جا سور نه سھيندي رستي ۾ ئي دم ڏنو. هوڏانهن زخمي وسيم خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته ھن جي زال کي پيڪن روڪي ڇڏيو ھو، جنھن تان ساهرن حملو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.