دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر ۾ 48 ڊگري تائين گرمي جو امڪان

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي سموري سنڌ ۾ 12 مئي کان وڌيڪ گرمي پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب گرمي جي لهر 12 مئي کان وڌيڪ شدت سان سموري سنڌ ۾ پئجي سگهي ٿي جيڪا 17 مئي تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ پارو 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. جڏهن ته اندرون سنڌ ۾ گرمي پد 43 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ به گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ 13، 14 مئي تي ڪراچي ۾ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب انتهائي گرم ۽ خشڪ موسم ۾ سبزين، باغن ۽ فصلن تي دٻاءُ پئجي سگهي ٿو ان ڪري هاري موسمي حالتن موجب فصلن کي پاڻي ڏيڻ جا انتظام ڪن، موسميات کاتي موجب سخت گرمي ۾ شهرين کي ڏينهن 11 وڳي کان ٻنپهرن جو 4 وڳي تائين غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.