ڪراچي ۾ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪaراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي لائنن مان پاڻي جي چوري ۾ ملوث عناصرن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ قانوني آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جر جو پاڻي غيرقانوني طور تي ڪڍڻ ۽ ان جي ماحولياتي اثرن کان تحفظ لاءِ پڻ قدم غور هيٺ آيا.

ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي فائرنگ،نوجوان قتل،6 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ ھڪ ڄڻو قتل ۽ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڪورنگي نمبر 5 دارالعلوم ڀرسان فائرنگ ۾ 30 سالن جو معراج ولد محمد سليم مارجي ويو.مومن آباد ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون نمبر 10 تاج لسي واري جي ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ احسان ولد ايوب زخمي ٿي پيو. سعود آباد ٿاڻي جي حد لياقت مارڪيٽ جي ٽانگا اسٽاپ ڀرسان فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار سجاد ولد عبدالجبار زخمي ٿي پيو ڪورنگي جي علائقي چمڙا چورنگي ڀرسان جوابدارن جي فائرنگ ۾ نور حسين ولد محمد زخمي ٿي پيو. بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد نيو ڪراچي سيڪٽر 5 سماما شاپنگ مال ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ نعمان ولد عبدالمقيم زخمي ٿي پيو اتحاد ٽائون ٿاڻي جي حد آفريدي چوڪ ڪرسچن محلي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ نويد ولد مانوي زخمي ٿي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.