فيض گنج  لڳ گهر لکين رپين جي چوري، متاثرن جو احتجاج

فيض گنج (ن ع آ)  فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب علي راڄپر واسي پرائمري استاد عبدالرحمان راڄپر جي گهر مان نامعلوم چور  گهر جي ڇت پٽي گهر ۾َداخل ٿي  سونازيور ۔روڪ رقم  ڪپڙن سميت گهر جو الھ تلھ ٻهاري ويا چوريواقعي خلاف متاثرن  ڳوٺاڻن استاد عبدالرحمان راڄپر معشوق علي راڄپر ۔عبدالقادر  راڄپر ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته اسان جي  برادري جي  منظور علي راڄپر ۔ياسين علي راڄپر ۔لطف علي راڄپر ۽ ٻين ٻين  ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ تشدد ڪري مون کي  زخمي ڪيو هو جنهن جي اين سي فيض گنج ٿاڻي تي  داخل  ٿيل آهي  هنن چيوته اين سيداخل ڪرائڻ بعد ڄاڻايل ماڻهون مون کي ڌمڪيون ڏيندا  رهياآهن اسان کي شڪ آهي ته ساڳين ئي ماڻهن گهر مان چوري ڪئي آهي   گهر ڌڻين موجب  سونا زيور روڪ رقم ٽريڪٽر جا ڪاغذ  ۽ ٻيو سامان کڻي  فرار ٿي ويا آهن هنن ڊي آء جي سکر  ايس ايس پي خيرپور ڊي ايس پي ٺري ميرواھ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي  گهر ڪئي ته  واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم  ڪيو وڃي جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.