بلڙي شاهه ۾ بدفعلي ڪوشش جا 2 واقعا

بُلڙي شاھه ڪريم (ن ع آ)بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٻن ٿاڻن جي حد ۾ الگ الگ بدفعلي جي ڪوشش جا واقعا تفصيل موجب.بلڙي شاهه ڪريم  ويجھو آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ ٻارنهن سالا نينگر روشن ولد لال خان جماري سان نالي سجاد جماري پاران بدفعلي جي ڪوشش  جڏھن ته واقعي جي اين سي متاثر ڌر پاران حد جي ٿاڻي تي درج ڪرائي وئي آهي جتان کيس ليٽر ڏئي تحقيقات جي لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان روانو ڪيو ويو آهي جڏھن ته بلڙي شاهه ڪريم جي صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او آبادگار غلام حسين سومرو ٻڌايو ته فريادي ڌر اين سي درج ڪرائڻ کانپوءِ پوءِ غائب ٿي وئي آهي اسان ڪافي ڀيرا فون تي رابطو ڪري کيس جوابدار ڌر خلاف ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو چيو پر فريادي ڌر ڪيس کي اڳتي وڌائڻ کان انڪار ڪندي پاڻ ۾ برادريءَ جي حساب سان صلح ڪرڻ ٿا چاهين.جڏھن ته ٻئي طرف بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ قادر ڏنو شاهه موري رھواسي تيرانھن سالا نينگر غلام قادر ولد گل حسن ملاح سان ٻن جوابدارن والجي ڪولھي پٽ ماستر ڪولھي ۽ احمد ملاح پٽ معمون ملاح پاران مبينه بدفعلي جي ڪوشش متاثر نينگر جي والد گل حسن ملاح جي فرياد تي الزام هيٺ آيل جوابدارن خلاف حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل . فريادي گل حسن ملاح ۽ نينگر جي ماءُ گلان ملاح صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته اسان جو نينگر اسٽاپ کان واپسي ٿي پنڃاري ڪينال جو ڪپر وٺي گھر طرف اچي رھيو ھو ته ڄاڻايل جوابدارن اسان جي پٽ کي زبردستيءَ جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نينگر جي داھون ڪرڻ تي راھ وٺي ايندڙ سندس وڏي ڀاءُ کيس بچائي ورتو جنھن کان پوءِ جوابدار کيس فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.