خيرپور( ڊ ر (ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراه ٺيڙهي باءِپاس تي تيز رفتار ٽرالر روڊ جي ڪپر تي رهيل کجور ۽ آچار جي ڪيبن جي مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ آچار وڪرو ڪندڙ نديم ڦلپوٽو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽرالر ڊرائيور کي ڊرائيوينگ دوران اک لڳي وئي ۽ هو وڃي ڪيبن ۾ لڳو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرالرگرفتار ڪري ٽرالر پنهنجي قبضي ۾ ورتو آهي هوڏانهن پوليس فوتي نديم جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو.