اڏيري لعل وليج لڳ اسڪول زبون حالي جو شڪار، شاگرد سراپا احتجاج

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)ضلعي مٽياري جي يونين ڪائونسل فقير نوح ٿياڻي جي ڳوٺ ميوو ساھوال جي بوائز گورنمينٽ پرائمري اسڪول جيڪو زبون حالي جو شڪار بڻيل آھي، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن سميت سراپا احتجاج ان  موقعي تي خميسو ساھوال ۽ ننڊڙي شاگرد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي اسڪول ۾ گڏھ  ۽ ٻڪريون مينھيون پڻ بيٺل آھن ۽ اسڪول جي  چوديواري به نه آھي شاگردن جي  لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ڀاٿروم بجلي  جو ڪو انتظام نه آھي، اسڪول ۾ اسان جا معصوم شاگردن سان گڏ  گڏھ  ۽ ٻڪرين  مينھيون سان گڏ تعليم پرائي رھيان آھيون اسان جي  اسڪول ۾ 200 شاگرد تعليم پرائي رھيا آھن جنھن جي ڪري شاگردن جي لاءِ فنيچر به ناھي آھي، تعليم زمين تي پرائي رھيا آھيون ان ھوندي به اسڪول ۾ اسان  تعليم وٺي رھيان آھيون اسان وس وارن کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي جلد کان جلد اسڪول جو ڪم ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.